“سائين جي ايم سيد” نه وسرندڙ شخصيت

سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪُک مان سدائين عظيم مفڪر، صوفي، عاشق، سماجي سڌارڪ، ماهر، ڏاها، فلاسافر، عالم، اديب ۽ علمي شعور جي خزانن سان مالا مال ساڃاھه وند پيدا ڪيا آهن.انهن مان ڪي ”ڄمندي ئي ڄام، ته ڪي سامايس ته سک ويا“ جي تحت مشهوري ماڻي چڪا آهن. اهڙن عظيم انسانن ۽ مفڪرن منجهان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد به هڪ آهي.سنڌ جي سياسي ڪعبي سن ۾ سيد محمد علي شاھه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙي جو نالو ته والدين سيد غلام مرتضي شاھه رکيو، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اهو ابهم ٻارڙو اڳتي هلي جي ايم سيد “سدائين جيئرو رهڻ وارو” طور مشهور ٿيندو ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ايڏي وڏي جدوجهد ڪندو، سائين جي ايم سيد شروع کان وٺي هر پليٽ فارم تي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.سائين جي ايم سيد هڪ شخص يا فرد نه پر هڪ مڪمل ادارو ۽ هڪ مڪمل تاريخ هو.جنهن مان هن مهل تائين ڪيترائي ماڻهو فيضياب ٿي علم جي اڃ اجهائي چڪا آهن.

سائين جي ايم سيد پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کي تمام ويجهو رکيو ۽ اهو ئي سبب هو جو سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ سائين جي ايم سيد کي زندگي جا 32 سال قيد ۽ نظربند رکيو ويو.سائين جي ايم سيد سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ وڙهندي “عاشق سنڌ” جو لقب ماڻيو، سيد سياستدان سان گڏ هڪ تاريخدان، محقق، پارکو ۽ تجربي جي بنياد تي پنهنجي قوم جي مستقبل لاءِ راهون ڳوليندڙ هڪ مفڪر پڻ هيو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، تصوف، قوميت ۽ قومي سورمن تي 52 ڪتاب لکيا.سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي دنيا آڏو نروار ڪيو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته سنڌي هڪ قوم آهن.سنڌي هڪ ٻولي آهي ۽ سنڌ پنج هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻي ڌرتي آهي.سنڌ دنيا لاءِ امن ۽ محبت جو پيغام آهي،سندس مٽي اسان لاءِ خاڪ شفا آهي ۽ سندس پاڻي آب ڪوثر ۽ آب زم زم آهي ۽ ان جي هر شي رحمت واري آهي.

سائين جي ايم سيد ڪيترائي ڪتاب لکيا پر انهن ۾ پيغام لطيف، جيئن ڏٺو آ مون، سنڌوءَ جي ساڃاھه، سنڌ ڳالهائي ٿي، جنم گذاريم جن سين، خطبات سيد، دياردل داستان محبت، سنڌ جا سورما، ساهڙ جا سينگار، جديد سنڌ جا نورتن وغيره تمام گهڻو مقبول ٿيا ۽ انهن مان ڪجھه ڪتابن تي پابندي پڻ لڳائي وئي هئي.

سائين جي ايم سيد پنهنجي سياست جي شروعات 1920ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ حڪيم معين الدين خياري وارن سان خلاف ڪانفرنس کان شروعات ڪئي. 1924ع ڌاري انجمن سادات مٽياري جو بنياد وڌائون، 1925ع ڌاري تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جا رڪن بڻيا ۽ 1929ع ڌاري ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جا وائيس پريسيڊنٽ چونڊيا ويا، سائين جي ايم سيد ان عرصي دوران ڪيترائي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا، غريب شاگردن ۾ تعليم عام ڪرڻ، روڊ رستا ٺهرائڻ، اسپتالن جا بنياد وجهڻ، سن اسٽيشن تائين پڪو رستو ٺهرائڻ، گرلز ۽ بوائيز اسڪول کولڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي مان منگي پير تائين پڪا رستا ٺهرائڻ، ڪراچي لوڪل بورڊ عمارت ٺهرائڻ وغيره پاڻ 1930ع ۾ جمشيد نسروانواجي سان گڏجي سنڌ هاري ڪاميٽي جو بنياد وڌائون، جڏهن ته پارليامينٽ سياست جي حوالي سان 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا ۽ 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا، پاڻ ڪجهه وقت کان پوءِ مسلم ليگ کان اصولي اختلاف رکڻ سبب ڌار ٿيا ۽ پارٽي جوڙيائون. 1955ع ۾ ايوب مارشلا دور ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ هلايائون، جنهن ڏوھه ۾ کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، بعد 1956ع ۾ اولھه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن ته 1958ع ۾ مارشلا دوران کين ٻيهر گرفتار ڪيو ويو،

 ان ۾ ڪو به شق ناهي ته سائين جي ايم سيد شروع کان سنڌ سان محبت ۽ پيار ڪندا هئا، هن وقت سنڌ کي پنجاب جي پرماريت ۽ پنهنجن جي غدارين ۽ ويساھه گهاتين خلاف ويڙھه ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عدم تشدد واري واٽ کي سامهون رکندي تنظيم سازي ڪرڻي پوندي ۽ جسقم قيادت جي پرعزم تدبيري واٽ توڙي حڪمت عملي کي سامهون رکندي جدوجهد لاءِ پاڻ ارپڻو پوندو،

 اڄ سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگرھه تي اسان سڀني قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، گهڻ گهرن ۽ سنڌ جي ساڃاھه وندن کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته سيد تنهنجي فڪر تي هلي سنڌ جي آزاديءَ تائين پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکنداسين ۽ سنڌ کي آزادي ڏياري گڏيل قومن جي عمارتن تي ڪهاڙي وارو ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائي پوءِ سک جو ساھه کڻنداسين.

ليکڪ: سيف ٻگهيو