نواز شريف ۽ شهباز شريف پرڏيهه هليا ويندا، تياريون ٿي ويون: صحافي طلعت حسين

اسلام آباد : سينيئر صحافي طلعت حسين انڪشاف چيو آهي ته نواز ليگ ۾ ڊيل ٿي وئي آهي، مريم نواز جي ضمانت کانپوءِ نواز شريف ۽ شهباز شريف پرڏيهه هليا ويندا. سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار طلعت حسين ٽوئيٽر تي اسٽيٽس جاري ڪندي لکيو آهي ته نواز ليگ طرفان مريم نواز جي ضمانت کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پرڏيهه موڪلڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. هن انڪشاف ڪيو ته نواز شريف سان گڏ شهباز شريف به پرڏيهه هليو ويندو، جڏهن ته شاهد خاقان عباسي ۽ حمزه شهباز جي معاملن تي به نواز ليگ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. صحافي پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ پُڇيو آهي ته پر ڇا نواز شريف مولانا فضل الرحمان جي مارچ دوران ڊيل ڪرڻ وارو مهڻو ۽ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي سِر تي کڻندو؟