اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي      اهلڪار مٿان ڏمرجي پيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس ۾ جوڊيشل ريمانڊ جو مدو ختم ٿيڻ تي پيش ڪيو ويو.

احتساب عدالت اسلام آباد جي ڊيوٽي جج راجا جواد عباس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جج ريمارڪس ڏنا ته لاڳاپيل جج ريفرنس ٻڌي رهيو آهي، اهو ئي ٻڌڻي ڪندو، عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 19 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: مريم نواز جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ

احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي آصف زرداري کي ان وقت ڪاوڙ آئي جڏهن هڪ سيڪيورٽي اهلڪار فريال ٽالپر جي اڳيان آيو جنهن تي آصف علي زرداري فريال ٽالپر جي اڳيان اچڻ تي سيڪيورٽي اهلڪار کي ڪاوڙ ۾ لٺ هڻندي  چيو ته ڏسين نٿو منهنجي ڀيڻ پٺيان اچي رهي آهي.