پنجاهه هزار کان وڌيڪ جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ لازمي

اسلام آباد :- فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) 50 هزار کان وڌيڪ جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ لازمي ڏيکارڻ جي حوالي سان سيلز ٽيڪس سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو.ايف بي آر طرفان جاري سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ دڪاندار کان خريداري ۽ 50 هزار کان وڌيڪ جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ لازمي هوندو، جڏهن ته عورتون پنهنجي مڙس يا پيءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري سگهن ٿيون.ايف بي آر موجب ان جو مقصد 50 هزار کان وڌيڪ جي ٽرانزيڪشن کي دستاويزي شڪل ڏيڻ آهي، اهو قانون ڪاروباري ماڻهن کي هراسان ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيندو ۽ ڪو به ايڪشن چيف ڪمشنر جي اجازت سان هوندو.