کپرو واسي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد ڄامشوري مان نازڪ حالت ۾ هٿ

ڄامشورو:- حيدرآباد مان 4 ڏينهن اڳ گم ٿيل سنڌ يونيورسٽي جو کپرو واسي شاگرد ڄامشوري مان حالت ۾ هٿ، نازڪ حالت ۾ لمس منتقل، پوليس موجب نوجوان جي تشدد ٿيل آهي. شاگرد ڪريم راڄڙ کي ڄامشوري جي آر بي بي ڪالوني جي هاءِ اسڪول پٺيان هٿ ڪيو ويو. ايس ايڇ او ڄامشورو نثار شاهه جو چوڻ آهي ته مقامي شخص جي اطلاع تي نوجوان کي بيهوشي جي حالت ۾ هٿ ڪري لمس منتقل ڪيو، سندس جسم تي تشدد جا نشان آهن. هن ٻڌايو ته نوجوان کي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا تي سوار 5 ڄڻا اڇلي فرار ٿي ويا. هوش اچڻ بعد نوجوان جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو. واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ڪريم راڄڙ بابت چيو ويندو آهي ته هو انتهائي غريب آهي ۽ واچون وڪڻي تعليم حاصل ڪندو آهي.