نوشهروفيروز: مٺياڻي ڀرسان سنڌو درياهه تي گهمڻ لاءِ آيل ٽي ڀينرون ٻڏي فوت

مٺياڻي :- مٺياڻي جي ڪچي واري علائقي فريد ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مراد ڪوريجو واسي 3 ڀينرون سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون، هڪ نينگري جو لاش هٿ، ڳوٺ مراد ڪوريجو واسي غلام مصطفي ٰ ڀٽو جون 3 ڌيئرون 18 ورهين جي عقيلاڀٽو، 19 ورهين جي شازيه ڀٽو ۽ 10 ورهين جي تسليم ڀٽو پنهنجي ڀاءُ بلاول سان سنڌو درياءُ تي سير ڪرڻ آيون، جتي پير ترڪڻ سبب ٽئي ڀينرون ٻڏي فوت ٿي ويون، اطلاع تي آسپاس جا ماڻهو ۽ وارث وڏي انگ ۾ پهچي ويا، جڏهن ته هڪ نينگري تسليم ڀٽو جو لاش هٿ اچي ويو آهي، ٻن ڀينرن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي، وارثن موجب عقيلا ۽ شازيه جي شادي ٿيل هئي ۽ شازيه کي هڪ نياڻي جو اولاد آهي، عقيلا ۽ شازيه ڀٽو جا لاش نه ملي سگهيا، ٻئي پاسي علائقي ۾ اهي به چوٻول هلي رهيا آهن ته گهرو اڻبڻت جي ڪري ڇوڪرين خود ڪشي ڪئي آهي.