هڪ سو ڪلاڪن واري بک هڙتال هلندڙ، بک هڙتال سبب ٿوري هيڻائي محسوس ڪيان ٿو پر حوصلا بلند آهن:انعام سنڌي

  حيدر آباد پريس ڪلب  اڳيان سنڌ سڀا پاران 26 سيپٽمبر رات ڏهين وڳي کان شروع ڪيل 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال هلندڙ، جتي ڪيترن ئي نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي. بک هڙتال تي ويٺل سنڌ سڀا جي صدر انعام سنڌي چيو ته بک هڙتال سبب ٿوري هيڻائي محسوس ڪيان ٿو، پر حوصلا بلند آهن،100 ڪلاڪن جي بک ڪاٽڻ جو هڪ سبب کنڀي گم ڪيلن جي وارثن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته اوهان جو درد سنڌ سڀا محسوس ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ هن بک هڙتال ۽ احتجاج ذريعي پنهنجي قوم کي ٻڌائڻ آهي ته سنڌ ۾ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، نوجوانن، سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل هڪ سنگين ڏوهه آهي، ان ڏوهه خلاف احتجاج ڪيو ۽ اسان جو احتجاج ئي نوجوان کنڀيندڙن کي روڪي سگهي ٿو. بک هڙتال ڪيمپ تي عاشق اوڍاڻو، شاهنواز ڀٽي، صفي الله چانڊيو ۽ ٻيا هئا