ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر طرفان “سنڌ ۾ قانون کان مٿانھان قتل” جي عنوان ھيٺ گڏجاڻي

حيدرآباد:- انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن چيو آھي تھ قانون کان مٿانھان قتل آئين جي ڀڃڪڙي آھي، رياست کي ماڻھو مارڻ جي عادت پئجي وئي آھي، جبري گم ٿيلن جون فيمليون وارثي نھ ٿيڻ ڪري ڪمپرومائيز ڪن ٿيون ۽ واپس ايندڙ ماڻھو ڪيترن ئي سالن تائين نارمل زندگي نھ ٿا گذارين. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر طرفان “سنڌ ۾ قانون کان مٿانھان قتل” جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ، سماج سڌارڪ ايڊووڪيٽ علي پلھ چيو تھ آئين ۽ قانون فل فراءِ، توڙي ھاف فراءِ، يا گرفتار جوابدار تي تشدد توڙي ڪنھن بھ شھري جي جبري گمشدگي جي اجازت ئي نھ ٿو ڏئي، ڪنھن بھ شھري کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ سندن ڏوھ ٻڌائڻوھوندو آھي، تھ کيس ڇو ٿو گرفتار ڪيو وڃي ۽ ٽرائيل دوران کيس اپيل جو بھ حق حاصل ھوندو آھي، پر پاڪستان جي پوليس ان جي ابتڙ عمل ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ پوليس موجب ٽارچر ان ڪري ڪيو وڃي ٿو تھ جيئن ھو جوابدارن کان ڏوھ بابت معلومات وٺي سگھي، پر آئين ۽ قانون ان جي اجازت نھ ٿو ڏئي. ھن چيو تھ يونائيٽيڊ نيشن (يو اين) ٽارچر خلاف 1994 ۾ ڪنوينشن پاس ڪيو، پاڪستان 24 سالن کان پوءِ ان تي صحيح تھ ڪئي آھي، پر ان تي عمل نھ ٿو ڪيو وڃي. ھن چيو تھ جبرن کنڀي گم ڪيل ماڻھن تي بھ ٽارچر ڪيو وڃي ٿو، ان سبب ئي ڪيترائي واپس ايندڙ ماڻھو پنھنجا حواس ئي وڃائي ويھندا آھن. انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ پروفيسر بدر سومرو چيو تھ رياست کي ماڻھو مارڻ جي عادت ٿي وئي آھي. ھن چيو تھ سول سوسائٽي طرفان جبرن گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ احتجاج تھ ڪيو وڃي ٿو، پرڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڏٺو اھو ويو آھي تھ وارثن طرفان پوئواري نھ ٿيڻ ڪري ڪيس خراب ٿين ٿا. ھن چيو تھ جبرن گم ٿيل جڏھن بازياب ٿين ٿا تھ ھو سالن تائين نارمل زندگي گذاري نھ ٿا سگھن. سماجي اڳواڻ پشپا ڪماري چيو تھ قانون کان مٿانھان قتل وارن ڪيسن جو رجحان وڌندو پيو وڃي، جنھن لاءِ سول سوسائٽي کي سگھارو آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي. ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي اڳواڻ غفرانھ آرائين چيو تھ سنڌ ۾ ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ صرف گذريل ٻن مھينن دوران 10 کان وڌيڪ بي ڏوھي ماڻھو قتل ڪيا ويا آھن. ھن چيو تھ اڪثر پوليس مقابلا ڪوڙا ھجن ٿا، پوليس ماڻھن کي گرفتار ڪري سندن گرفتاري ظاھر نھ ٿي ڪري ۽ ڪجھ ڏينھن کانپوءِ کين ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو وڃي ٿو