ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ جبري گمشدہ فردن جي خاندانن تي پوندڙ ذھني، سماجي ۽ اقتصادي اثرن بابت سوشل سائيٽ زوم تي ويبنار ڪيو ويو

ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ريجنل آفيس حيدرآباد ۾ جبري گمشدہ فردن جي خاندانن تي پوندڙ ذھني، سماجي ۽ اقتصادي اثرن بابت سوشل سائيٽ زوم تي ويبنار ڪيو ويو، ھن ويبنار جي ميزباني ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر امداد چانڊئي ۽ غفرانہ ڪئي، جنھن ۾ ناليواري دانشور تاج جويي، ناليواري وڪيل مير مڱرئي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، وي ايم پي جي ڪنوينر سورٺ لوھار، سينيئر صحافي سُھيل سانگي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري ۽ وي ايم پي حيدرآباد جي اڳواڻ سھڻي جويو، ايڊووڪيٽ اياز علي منگي، سنڌ ھاري تنظيم جي اڳواڻ اڪرام خاصخيلي، عوامي آواز جي صحافي مقبول ملاح، وزير لاکي، لالا عبدالحڪيم ۽ ٻين مھمان اسپيڪر طور حصو وٺندي ڳالھائيندي چيو تہ، ”جبري طور کنڀي گم ڪرڻ يونائيٽيڊ نيشن جي چارٽر ۽ ملڪي قانون موجب انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ جُرم آھي. مختلف ايجنسين پاران سالن کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چچريل لاشن ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي، گم ٿيل ڪارڪنن مان جيڪي واپس اچن ٿا، سي ذھني ۽ جسماني طور معذور بڻايا وڃن ٿا تہ جيئن اھي سماج ۾ ڪو بہ مثبت سياسي ۽ سماجي سرگرم ڪردار ادا نہ ڪري سگھن. کنڀي گم ڪيل اڪثر ھيٺئين وچولي طبقي جا فرد ۽ پنھنجي خاندانن جو واحد معاشي سھارو ھوندا آھن، انھن جي واپسي جي باوجود سندن خاندانن جي سماجي ۽ معاشي اوسر شديد متاثر ٿئي ٿي ۽ خاندان بُک، بيروزگاري ۽ سماجي ننڌڻڪائيءَ جو شڪار بڻجن ٿا. ان کان علاوہ شريڪ ٿيندڙن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ کنڀي گم ڪيلن جي خاندانن جي گھر جو چرخو ھلائڻ لاءِ کين ڪمپنسيشن ملڻ گھرجي، ڇو تہ خوف ۽ ھراس جي فضا ۾ انھن جا سماجي رشتا ناتا متاثر ٿين ٿا ۽ جيڪڏھن ڪو ملازم آھي تہ ان کان روزگار جو وسيلو کسيو وڃي ٿو، ھڪ شھريءَ جي حيثيت ۾ متاثر فردن جي جان، عزت ۽ روزگار جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آھي، ان ڏَس ۾ اعليٰ عدالتن، سماجي ۽ انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ تنظيمن، سياستدانن ۽ سول سوسائٽي جو فرض آھي تہ ڪي سماجي ضابطا جوڙي جبري گم ٿيلن ۽ سندن خاندانن کي عزت ڀريو مقام ڏيارڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي سورٺ لوھار سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي لسٽ پيش ڪئي ۽ ڪجھ آزاد ٿي آيل ماڻھن کان ملازمت ۽ روزگار کسجڻ جي نشاندھي پڻ ڪئي.

ھن ويبنار ۾ ان ڳالھ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو تہ ايڊووڪيٽ محب لغاريءَ جي گمشدگي قانون ۽ آئين جي رکوالي ڪندڙ طبقي لاءِ ھڪ چئلينج آھي، جيڪڏھن انساني حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ويڙھ ڪندڙن سان بہ اھڙو رويو اختيار ڪيو ويو تہ ھن ملڪ جو وجود ۽ نظام خطري ۾ پئجي سگھي ٿو.

ويبنار جي آخر ۾ پروفيسر امداد چانڊئي سڀني شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ اُميد ڏيکاري تہ اڳتي بہ اھڙو سھڪار ڪيو ويندو.