ھند ۽ سنڌ جي تمام وڏي تخليقڪار شاعر شري نارائڻ شيام جو جنم ڏينهن انڊور ۾ ملھايو ويو

انڊور (رپورٽ: نموش تلريجا) :ـ ھند ۽ سنڌ جي تمام وڏي تخليقڪار شاعر شري نارائڻ شيام جو جنم ڏينهن سنڌو سجاڳ سنگت انڊور پاران جيڪب آباد ڀون ۾ ملھايو ويو٠ پروگرام ۾ فتح چند ڪارڙا نارائڻ شيام جي حياتي تي روشني وڌي ۽ شيام جي ان شعر “الله ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي ھي ڪا سنڌ ۽ سـنڌ وارن جي ٻولي” سان پنھنجي ڳالھ ختم ڪئي ـ انڊور جي برک ليکڪ شري گوپ گولاڻي جن شيام جي شاعري جي مختلف صنعفن طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته شاعر قدرتي نظارن ـ پکين جانورـ انسانن جي درد ۽ احساسن کي سمجھندي ان کي پنهنجي قلم سان ڪاغذ تي ڪويتا جو روپ ڏينـدا آھن ـ نارائڻ شيام سنڌي ادب کي گھڻو ڪجھ ڏنو ـ ھن پنهنجي شاعري ۾ گھريلو ۽ سلجھيل سنڌي لفظن جو تمام گهڻو استعمال ڪيو آھي ـ سنڌي ۽ اردو زبانن جي مشھور شاعرا ناديا مسند چيو ته مون نارائڻ شيام کي پڙھندي ھن جي شخصيت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون ڄاتو ھو سرل سڀاء جا ھئا ۽ ھنن ڪڏھـن به پنهنجي تعريف يا پاڻ سان محبت ڪرڻ بجاء پنهنجي آس پاس جي ھر رشتي ـ پوءِ  قدرت ۽ ان جي خلقيل ھر شيء سان اظھارڪيو آھي ـ نوجوان ساٿي سنجي ورما پنهنجي ڳالهه ڪندي چيو ته نارائڻ شيام منهنجي نظر ۾ دنيا جو پھريون شاعر آهي جنهن پنهنجي ھڪ غزل ۾ ڌرتي کي محبوب جو درجو ڏنو آھي ـ ھريش سيواڻي شيام لاء لکيل شيخ اياز جي “سنگرام” غزل پڙھي ۽ ھن شيام جي ڪويتا پڻ پڙھي ـ منيش ديوناني نارائڻ شيام جي سنڌي ٻولي لاء ڪيل خدمتن بابت ڳالھايو ـ بزرگ ليکڪ شري امر گوپالاڻي جن چيو ته جس آھي انهن سنسٿائن کي جيڪي اسان جي ساھتيڪارن کي ياد ڪندي انهن جا ڏينهن ملھائن ٿيون ـ باقي سرڪاري ادارن کان مدد وٺڻ وارا پنهنجا نالا چمڪائڻ ۾ پورا لڳا پيا آھن ـ نموش تلريجا شيام جي بغاوتي سرن واري چار لائنن واري ڪويتا .

“باھ مجبور جي محفل کي لڳايون ساٿي ـ  جوت جا دل جي وساڻي سا جلايون ساٿي ـ

آھ انسان جي سر تي جو غلاميء جو داغ ـ  صاف سو داغ غلاميء جو مٽايون ساٿي ـ”  کي پڙهيو. شيخ اياز جي پڻ هڪ ڪويتا پڙهي وئي، جڏهن ته ايڇ پي جمناڻي، سنتوش روپينا، ارجن باغزي، راج گولائي، سنديپ مانا، نند لال واڌواڻي، روي کٽوائي، ڀارتي کٽوائي، چاندني تلريجا، ۽ ٻين شرڪت ڪري ڪيڪ ڪٽي شري نارائڻ شيام جو جنم ڏينهن ملهائيندي سڀني مهمانن جو مونهه مٺو ڪرايو، جڏهن ته انڊور جي برک ليکڪ شري امر لال گوپالاڻي جن جو پڻ جنم ڏينهن هجڻ سبب کائنس پڻ ڪيڪ ڪٽرائي واڌايون ڏنيون ويون.