ھندو نياڻين جي جبري مذهب مٽائڻ خلاف رواداري تحريڪ جي جيڪب آباد ۾ ريلي

جيڪب آباد: مھڪ عرف عليزا جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان رواداري تحريڪ پاران ھندو نياڻين جي جبري مذهب مٽائڻ ۽ ھندو برادري سان يڪجھتي طور ھڪ احتجاجي جلوس جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ڪڍيو ويو جنهن ۾ سول سوسائٽي جي پنھل ساريو، انتظار ڇلگري، جان اوڍاڻو، ديدار ميراڻي سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي ريلي ۾ موجود شھرين مختلف رستن تي مارچ ڪيو ريلي ۾ موجود اڳواڻن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي مھڪ عرف عليزا جون تصويرون ھيون ريلي ۾ شريڪ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آئين تحت چائلڊ ميرج لا تي عمل ڪرايو وڃي، مذهب مٽائڻ جو اختيار رياست وٽ ھئڻ کپي، اھڙو قانون ٺاھيو وڃي ته مذھب تبديل ڪندڙ شھري  رياست جي مرضي مطابق مذھب تبديل ڪري رياست کي اھو حق ھجڻ کپي ته مذھب مٽائڻ جي معاملي تي ھو فيصلو ڪري سگهي، ھنن چيو ته مذھب تبديل ڪرڻ جي فيصلي بابت والدين جي مرضي کي به شامل ڪيو وڃي جيئن ننڍي عمر جي حوالي سان والدين خودمختيار آهن مذھب جي حوالي سان به انھن جي خومختياري شامل ھجي، ھنن چيو ته مذهب جي تبديل جي مامري تي رياست کي والدين جي راضپي کي به ڏسڻ گھرجي ھنن چيو ته مھڪ عرف عليزا جي ميڊيڪل رپورٽ موجب ھو 16 سالن جي آهي ان لاءِ مھڪ کي پنهنجي والدين جي حوالي ڪيو وڃي.