ڳڙھي ياسين اسپتال ۾ لاش جي بيحرمتي، نٽهڻ تي اڇلايل لاش گڏهه گاڏي تي روانو

ڳڙھي ياسين :- ڳڙھي ياسين شھر ۾ فوت ٿيل فقير صفت درويش سڪندر کوکر جي لاش جي بي حرمتي اسپتال مان ايمبولنس تي لاش کڻائڻ بجاءِ گڏھ گاڏي تي کڻائي وارثن تائين پھچايو خبر موجب ڳڙھي ياسين شھر ۾ فوت ٿي ويل ملنگ سڪندر کوکر جي اوچتو طبعيت خراب ٿي پئي جنھن کي شھرين ڳڙھي ياسين اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري ملنگ سڪندر کوکر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنھن جي لاش کي اسپتال عملي اسپتال جي اڱڻ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو جيڪو ٻن ڪلاڪن تائين نٽھڻ اس ۾ پيل رھيو جنھن بعد ايم ايس ڳڙھي ياسين امتياز ميمڻ اسپتال پھتو جنھن ملنگ سڪندر کوکر جو لاش ايمبولنس تي کڻائڻ بجاءِ گڏھ گاڏو گھرائي لاش کڻائي لاش جي بي حرمتي ڪرائي مرحوم ملنگ سڪندر کوکر جي لاش جي بي حرمتي ڪندڙن خلاف صحت کاتي شڪارپور جي اعليٰ عملدارن ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور توڙي اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙھي ياسين ڪو به نوٽيس نه ورتو ملنگ جي لاش سان بي حرمتي تي سياسي سماجي ۽ مذھبي تنظيمن ۾ تاءُ پکيڙجي ويو شھرين ايم ايس صحت کاتي جي سوشل ميڊيا تي پت وائکي ڪري ڇڏي