ڳڙهي خيري ۾ پاڻي جي کوٽ، جيڪڏهن فصل نه ٿيندا ته اسان جا ٻچا بک مرندا: آبادگار

ڳڙهي خيرو :- ڳڙهي خيري ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو بيگاري پل وٽ ٽيون ڀيرو شاميانه هڻي ڌرڻو، بيگاري ڪئنال، عيدن واھ، سير واھ ۽ لنڊ مائينر سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي نه پھچڻ خلاف آبادگارن ۽ قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن مظاهرو ڪري بيگاري پل تي شاميانه ھڻي ڌرڻو ھنيو. آبادگارن چيو ته اسان ھن وقت تائين سارين جو ٻيجارو به پوکي نه سگھيا آھيون. ساريالي فصل جي مند چڙھندي پئي وڃي. اسان جو سموري سال جو گذر سفر صرف فصل تي ھوندو آھي، اگر فصل نه ٿيندا ته اسان جا ٻچا بک مرندا، علائقي ۾ به بد امني ۽ بک وڌندي. رابطو ڪرڻ تي انجنيئر بيگاري ڪئنال غلام مصطفيٰ شيخ ٻڌايو ته پاڻي جي مٿان کان کوٽ آھي، ايترو پاڻي آھي ئي ڪو نه جو اسان بيگاري ڪينال جي پوڇڙي تائين پاڻي پھچائي سگھون، ڪوشش آھي ته ٻين شاخن کي بند ڪري بيگاري ڪينال جي پوڇڙي تائين پاڻي پهچايون.