ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي : علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل

ڳڙهي خيرو : ڳڙھي خيرو ويجهو اوڍا ۽ جکراڻي برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ٻن سالن کان هلندڙ تڪرار ۾ 9 ڄڻا قتل ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي چڪا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي. ڳوٺ شير خان اوڍو ڀرسان جاگير لاڙي وٽ زمين تي ويندڙ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ ڌرين هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ سجاول اوڍو ۽ علي حيدر عرف ڪراڙو اوڍو مارجي ويا، جڏهن ته 4 ڄڻا دين محمد اوڍو، محمد خالد اوڍو، عمران اوڍو ۽ عرفان علي اوڍو زخمي ٿي پيا. اطلاع تي تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيا. زخمين جي تعلقه اسپتال ۾ بھتر علاج نه ڪرڻ ۽ ايمبولينس نه ڏيڻ تان سندن وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو، ان دوران پوليس زخمين کي پنهنجي موبائيل ۽ ڪار ۾ ويهاري لاڙڪاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. مقتولن جي وارث نديم اوڍو جو چوڻ آهي ته 2 سال اڳ ڪرڪيٽ راند تان تڪرار شروع ٿيو جيڪو هن وقت تائين جاري آهي. هن چيو ته هلندڙ تڪرار تان ھن وقت تائين اوڍا برادري 6 ڄڻا قتل ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، جڏھن ته جکراڻي ڌر جا به 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.