ڳڙهي خيرو ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ناري ۽ نوجوان کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي موت جي ننڊ سمهاريو ويو

ڳڙهي خيرو :- ڳڙهي خيرو ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ناري ۽ نوجوان کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، جوابدار پنهنجي سڳي سئوٽِ ۽ پاڙيسري نوجوان کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرارٿي ويو، پوليس چيو آهي ته جوابدار سڱ نه ملڻ تي سئوٽِ کي قتل ڪيو ۽ ڪارنهن جو رنگ ڏيڻ لاءِ پاڙيسري نوجوان کي به گولين جو کاڄ بڻايو. ڳوٺ پٺاڻ لُهر ۾جوابدار جاويد لُهر پنهنجي چاچي جي گهر ۾داخل ٿي ڪارنهن الزام هيٺ ناري ليلا خاتون کي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيو. ناريءَ کي قتل ڪرڻ بعد جوابدارٻاهر اچي پنهنجي گهر ٻاهران پاڙيسري نوجوان فقير محمد لُهر کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. اطلاع ملندي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل ناري ليلا خاتون ۽ نوجوان فقير محمد جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ناريءَ جو لاش ضروري ڪارروائيءَ لاءِ جيڪب آباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته جوابدار سڱ نه ملڻ تي پنهنجي نوجوان سئوٽ کي قتل ڪرڻ بعد واقعي کي ڪارنهن جو رنگ ڏئي پاڙيسري نوجوان کي به موت جي ننڊ سمهاري فرار ٿي ويو. ان سلسلي ۾پوليس جو به اهو ئي چوڻ آهي ته جوابدار سڱ نه ملڻ تي پنهنجي سئوٽِ کي قتل ڪيو ۽ ڪارنهن جو رنگ ڏيڻ لاءِ پاڙيسري نوجوان کي به فائرنگ جو نشانو بڻايو.