ڳڙهي تيغي مان فنڪار جگر جلال ته بازياب ٿي ويو پر فضيلا سرڪي جو پتو ئي پئجي نه سگهيو

ٺل: شڪارپور جي ڪچي ڳڙهي تيغي مان فنڪار جگر جلال بازياب ٿي ويو پر ساڳئي ضلعي مان اغوا ٿي ويل نينگري فضيلا سرڪي بازياب ناهي ٿي سگهي.نينگري فضيلا سرڪي جي اغوا مامري ۾ ڪڏهن به پوليس ڊيل نه ڪئي،نينگري جي بازيابي وارثن جي لاءِ اڃا تائين خواب بڻيل آهي.گذريل 12 ورهين جي عرصي جي دوران ڪيترائي يرغمالي بازياب ٿي ويا آهن پر ٺل ڀرسان پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان ساڍا 12 سال اڳ اغوا ٿي ويل 8 ورهين جي معصوم نينگري فضيلا سرڪي بازياب ناهي ٿي سگهي.نينگري فضيلا سرڪي جي اغوا جي حوالي سان ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ جي باوجود نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.فضيلا سرڪي جي بازيابي جي لاءِ سندس وارث نينگري جو والد عبدالرزاق سرڪي،امڙ سڪينه خاتون ۽ ٺل شهر جا شهري گذريل 12 ورهين کان سراپا احتجاج بڻيل آهنڳڙهي تيغي مان تازو اغوا ٿي ويل فنڪار جگر جلال کي بازياب ڪرايو ويو آهي ان ساڳئي ئي علائقي ۾ نينگري فضيلا سرڪي جي هئڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر ڪو به تحرڪ نٿو ورتو وڃي