ڳوٺ ميهار چانڊيو جي رهواسڻ سڀاڳي چانڊيو قتل واري معاملي جو وڏي وزير نوٽس وٺي ڇڏيو.

ڪڙيو گهنور:- ڳوٺ ميهار چانڊيو جي رهواسڻ سڀاڳي چانڊيو قتل واري معاملي جو وڏي وزير نوٽس وٺي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي خاص مددگار ويرجي ڪولهي پاران مقتول ناري جي وارثن وٽ تڏي تي پهچي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جا تفصيل پڻ ورتا. ان موقعي تي هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه پاران واقعي جو سخت نوٽس ورتو ويو آهي پوليس کان به واقعي جا تفصيل ورتا ويا آهن. هن چيو ته وحشي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سنڌ جي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته مقامي ميڊيا معاملي ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي کين جس آهي جيڪي مظلومن جي پوئيواري ڪن ٿا. وير جي ڪولهي مقتولا جي مامي کي انصاف جي خاطري ڪرائي آهي. ياد رهي ته هفتو اڳ مڙس پاران وڪرو ڪيل ناريءَ سڀاڳي چانڊيو کي اجتماعي لڄالٽ بعد قتل ڪري لاش مٿان گاڏي چاڙهي وئي هئي. جنهن جي سندس مامي جي فرياد تي گذريل ڏينهن ڪيس داخل ڪرايو ويو هو. پوليس ڪارراوئي ڪري واقعي ۾ ملوث چئني جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو. گرفتار جوابدارن پپو چانڊيو، علي حسن رند ۽ خدا بخش ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته لڄالٽ بعد رڙيون ڪرڻ تي هنن عورت جو ڪنڌ ڀڃي کيس قتل ڪرڻ بعد حادثي جو ڊرامو رچايو هو.