ڳوٺ ملير کھڙو ۾ ڇناون ڇپرن ۾ رھندڙ 20 کان وڌيڪ ماڻهو اکين جي نور کان محروم بڻيل

رپڙي :- ڪچي جي ٻھراڙي واري علائقي جي ڳوٺ ملير کھڙو ۾ ڇناون ڇپرن ۾ رھندڙ 40 ورهين جو محمد ايوب کهڙو، 35 ورهين جي محمد بخش ۽ 37 ورهين جي محمد شريف جا گهر ڀاتي محمد آچر، مھناز خاتون ، تھذيب خاتون ، فردوس، امروز، ڪلثوم خاتون ، مسڪين علي، راڻو خان، مسڪينه خاتون ، رابعه خاتون، خانزادي ، غلام فريد، محمد بخش، فياض علي، ماريه خاتون، شعبان علي ۽ ڏيڍ سال جي نصرالله کھڙو سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن، ھنن جو چوڻ هو ته ڪجهه ٻارڙا پيدائشي نابين جڏهن ته ڪجھ ٻارڙن کي ڄمڻ جي ڪجھ وقت کانپوءِ نظر ختم ٿي وئي، اکين جي نور کان محروم خاندان جو چوڻ هو ته زندگي ٿاٻن ۾ گذري ٿي، غربت سبب پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهيون ته علاج ڪٿان ڪرايون. متاثرن سنڌ سرڪار توڙي سرندي وارن کان علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.