ڳوٺ زبير راڄپر واسي رٽائرڊ رينجرز ملازم علي حسن موجائي نياڻي سمرين سان گڏ احتجاج جي ويڊيو اپلوڊ ڪئي

پيروسڻ :- پيروسڻ ۾ ناري سان مبينا جنسي ڏاڍائي، ناري جي پيءُ پاران  احتجاجي ويڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنھن بعد سماجي ڌرين پاران متاثر ناري جي تحرڪ ۾ اچي ويون، ناري جو پيءُ، ڀاءُ ۽ پنھنجي گھرڀاتين سميت پيروسڻ ٿاڻي آڏو بااثر جوابدارن خلاف احتجاجي مظاھرو،تفصيل موجب پيروسڻ ٿاڻي حد ڳوٺ زبير راڄپر رھواسي رينجرس جي رٽائرڊ ملازم علي حسن موجائي پنھنجي نوجوان ڌي ثمرين موجائي سان گڏجي زارو قطار روئيندي ھڪ احتجاجي ويڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، جنھن ۾ ھنن دانھندي چيوته جوابدار شاھد راڄپر پنھنجي ساٿي سميت اسانجي گھر اندر داخل ٿي منھنجي نياڻي ثمرين سان جنسي ڏاڍائي ڪئي آھي اھڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سماجي اڳواڻ شھناز شيخ سندن جي تحرڪ ۾ اچي وئي جنھن بعد ناري ثمرين پنھنجي پُي علي حسن ۽ گھرڀاتين سميت پيروسڻ ٿاڻي آڏو پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي متاثر ناري جي پي دانھيندي چيوتہ بااثرجوابدارن منھنجي نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪري سندس زندگي برباد ڪري ڇڏي آھي اسان ڪجھ ڏينھن اڳ اھڙي فرياد پيروسڻ ٿاڻي تي کڻي آياسين مگر ايس ايڇ او پيروسڻ انصاف ڏيارڻ  بجاء بااثر جوابدارن جي ڌر بڻجي جوابدارن خلاف ڪوبہ قدم نہ کنيو مجبور ٿي سماجي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا جو سھارو ورتو،آخر ۾ ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل نوجوان جي ڀاءُ رفيق راڄپر ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ مٿان الزام ھڻندڙ ناري جي پُي سان اسانجو پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، ھوڏانھن پيروسڻ ايس ايڇ او پنھنجو موقف ڏيندي چيوتہ معاملي جي انڪواري ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو ويندو.