ڳوٺاڻين عورتن جون سماجي خدمتون

                         ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ چيتن ميگھواڙ ۾ پنھنجي علائقائي تنظيم جي مينيجر ھرمي پنھنجي مڙس کان ان وقت محروم ٿي وئي جڏھن ھو اپينڊڪس ۾ مبتلا ھو ۽ کيس وقت سر اسپتال نه پھچايو ويو ھو، ان ڳوٺ ۾ ڪنھن به بيمار سان ائين ٿيڻ معمول جي ڳالهھ ھئي. 2003ع ۾ جڏھن ان ڳوٺ جي ٻاھرين دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ ڪو روڊ موجود نه ھو ته ڳوٺ جي ڪنھن به بيمار بزرگ کي نوجوان ڪلھن تي کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ سفر بعد روڊ تائين پھچائيندا ھئا ته جيئن ان کي اسپتال کڻي وڃي سگھجي. روڊ جھڙي بنيادي سھولت نه ھئڻ سبب چيتن ڳوٺ جي ان سربراھه کي به پنھنجي زندگي تان ھٿ ڌوئڻا پيا ھئا، مرندڙ چيتن جي ڀاءُ پارو جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن ڳوٺ جي سربراھه جھڙي معزز شخص کي وقت سر اسپتال پھچائي بچائڻ ممڪن نه ھو ته ڳوٺ جي عام رھواسين جي خراب حالت جو اوھان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا. سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ پري واري ڳوٺ لاءِ روڊ بنيادي ضرورت کان وڌيڪ اھميت رکندڙ آھي، اھو  روڊ روزگار جي ھڪ ذريعي ۽ زندگي توڙي موت وچ ۾ موجود فرق به آھي ته صحت جي ڪنھن سھولت ۽ بنيادي ضرورت وچ ۾ رابطي لاءِ انتھائي اھم ۽ فيصلي جھڙي حيثيت رکندڙ به آھي.

خوشي جي موقعن تي به اھو رابطو اھم ثابت ٿيندو آھي، ڳوٺ واسين جو چوڻ آھي ته ڳوٺ ايندڙ ڄڃ کي به ميلن تائين پنڌ ڪري اچڻو  پوندو ھو، ان ڊگھي سفر ۾ نه فقط جوتا به ٽٽي ويندا ھئا پر ڪپڙا، چھرا، موڊ توڙي شادي جو سمورو ماحول خراب ٿي ويندو ھو. برمي پنھنجي نقاب پويان ھٻڪندي ٻڌايو ته اڪثر ته گھوٽ جي ڄڃ ڊگھو پنڌ ۽ ڏکيائي سبب ڳوٺ تائين اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي ھئي. ھرمي پارو جي ڀاڄائي آھي پر ڳوٺ جي روايت سبب ھوءَ ان کان پردو ڪندي آھي.

خوشقسمتي سان اچ وڃ جون اھي ڏکيائيون ھاڻي ماضي جو حصو بڻجي ويون آھن، ڇو ته يورپي يونين جي مالي مدد سان ھلندڙ (انگلش سڪسيس) پروگرام تحت عورتن منظم ٿي روڊ ۽ زير  زمين پاڻي جون گذر گاھون تعمير ڪيون آھن، جنھن سبب آمدرفت، آبپاشي ۽ صفائي جي صورتحال بھتر ٿي وئي آھي. جيتوڻيڪ چيتن ميگھواز ڳوٺ ايندڙ روڊ کڏن سان ڀرپور، مٽي سان ڀريل ۽ ڪيلن جي حد نظر تائين باغن مان گذري ٿو پر ھاڻي ان ڳوٺ تائين پھچي سگھجي ٿو. پنھنجي مڙس جي بدقسمتي باوجود ھرمي کي ھاڻي اھو اطيمنان ته ڳوٺ جا ماڻھو ھاڻي روڊ واري سھولت مان فائدو وٺي سگھن ٿا. لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن جي صدر ڪيسي ۽ ھرمي ڳوٺ ۾ پاڻي جي زير  زمين گذرگاھن ۽ روڊ جي تعمير ۽ مرمت لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آھي. يورپي يونين جي مالي مدد سان ھلندڙ (انگلش سڪسيس) پروگرام سبب مقامي عورتون غربت جي خاتمي، اختيار حاصل ڪرڻ، بنيادي سھولتن واري ڍانچي جي تعمير ۽ عوامي شرڪت لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رھيون آھن. ڪيسيءَ ۽ برميءَ جھڙيون عورتون مقامي تنظيمن جي جوڙجڪ ( پاڙي سطح تي مقامي تنظيم، ڳوٺ سطح تي ڳوٺاڻي تنظيم ۽ يونين سطح تي لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن ۾ انتھائي سرگرم ٿي ڪم رھيون آھن. اھي عورتن کي منظم ڪرڻ انھن کي تربيت ڏيڻ ۽ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام تحت وسيلا فراھم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيون آھن ته جيئن عورتون پنھنجي پنھنجي ڳوٺ سطح تي ترقياتي سرگرمين ۾ پاڻ حصو وٺي ۽ نگراني ڪري  سگھن.

انگلش سڪسيس پروگرام جو ھڪ حصو ٻھراڙي جي عورتن کي ڪميونٽي فزيڪل انفراسٽرڪچر جا منصوبا ٺاھڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ لاءَ گھربل فني ۽ مالي مدد فراھم ڪرڻ آھي، ھي عورتون اھي منصوبا تيار ڪرڻ کان وٺي عملي شڪل اختيار ڪرڻ ۽ پوءِ انکي ھلائڻ جو ذميوار ھونديون آھن. ھي پروگرام سنڌ جي اٺ ضلعن ۾ ھلايو پيو وڃي ۽ ان تحت ڪميونٽي فزيڪل انفراسٽرڪچر جا  511 منصوبا مڪمل ڪيا ويا آھن جنھن مان 49032 خاندان فائدو حاصل ڪري رھيا آھن.

جڏھن ڪيسيءَ کان پڇا ڪئي وئي ته ھوءَ پاڻي جي زير زمين گذرگاھن کي ڇو ٿي اھميت ڏئي، ته ھن ٻڌايو ته اسان وٽ وڏي زرعي پيدوار ڪمند آھي ۽ زمين تي وھندڙ اضافي پاڻي فصلن کي تباھه ڪري ڇڏيندو ھو. پر ھاڻي جڏھن زير زمين گذر گاھه تعمير ٿي چڪا آھن جنھن سبب  فصل خراب ٿيڻ کان بچي ويا آھن. پاڻي جي گذرگاھن جي ان فائدي کانسواءِ عورتن ٻڌايو ته وومين وليج آگنائيزيشن ۽ لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن جي جوڙجڪ کان اڳ ڳوٺ سطح تي گھڻا فيصلا بزرگ مرد ڪندا ھئا پر ھاڻي اڪثر ماڻھون ڳوٺ جي مسئلن تي مشورو ڪرڻ لاءِ انھن سان رابطو ڪندا آھن. ڳوٺ جي تنظيمن کي پاڻي جي گذرگاھن جي تعمير ۾ مشورو ڏيڻ واري انجنيئر محمد اسلم جو چوڻ آھي ته پاڻي جون ٻه زير زمين گذرگاھون ڪنھن به ڳوٺ لاءِ ڪافي آھن.

برمي ٻڌايو ته مونکي ان عمل کان اڳ پاڻي جي زير زمين گذرگاھن بابت ڪا به خبر نه ھئي، ان جي تعمير واري عمل دوران ھوءَ گھڻو ڪجھه سکي وئي آھي، ڇو ته ان جي ڳوٺ کان اسڪول تمام گھڻو پري ھئا ان لاءِ ھرمي ۽ ڪيسيءَ ڪڏھن اسڪول وڃي نه سگھيون ھيون ۽ انھن جا والدين کين اسڪول پڙھڻ لاءِ ايترو پري موڪلڻ جي حق ۾ نه ھئا، پر اڄ اھي خوش آھن ته سندس ڳوٺ جون وڌ مان وڌ ڇوڪريون اسڪول پڙھڻ وڃن ٿيون جيڪو فقط اڌ ڪلو ميٽر پري آھي. بنيادي سھولتن جي ڍانچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتون غير روايتي فعال ڪردار ادا ڪندي ان ڍانچي ۽ صحت، تعليم، روزگار ۽ ترقي وچ ۾ اھم ڪردار جي اھميت کي سٺي انداز ۾ سمجھي ۽ ڄاڻي رھيون آھن.

ماورا باري