گھگھر ڦاٽڪ ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران مبينا غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت

ملير :-  گھگھر ڦاٽڪ ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران مبينا غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.رپورٽ موجب ملير جي علائقي  گھگھر ڦاٽڪ جو رهواسي محمد گبول جي ڇهن ورهين جو نينگر صديق گبول کي علاج لاءِ خانگي ڪلينڪ تي علاج لاءِ آندو ويو، جتي عطائي ڊاڪٽر مبينا طور غلط انجيڪشن لڳائي، جنهن  سبب ٻار جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. اطلاع تي وارثن سميت علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا. جتي احتجاج ڪيو ويو، ٻئي طرف عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪ بند ڪري فرار ٿي ويو.فوتي نينگر جي پيءُ محمد گبول ٻڌايو ته ٻار کي بخار ۽ زڪام ھو، اسان ڊاڪٽر کي چيو ته ٻار کي ٻاڦ ڏيو ۽ سئي نه ھڻو ان جي باوجود  ڊاڪٽر  هڪڙي سئي هنئي ته نينگر ان وقت ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.ان موقعي تي ڳوٺاڻن منظور گبول، افضل گبول، امان الله، ڀلي ڏنو گبول ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته گھگھر ڦاٽڪ ۾ 99 سيڪڙو عطائي ڊاڪٽر آهن، ماڻهو مجبور ٿي پنهنجا ٻچا هنن وٽ علاج لاءِ آڻين ٿا پر عطائي ڊاڪٽر پئسن ڪمائڻ لاءِ مدي خارج دوائون ۽ سويون هڻي انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن.هنن ڄاڻايل ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي. جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر رابطو ڪرڻ تي ڪو جواب نه ڏنو