گھوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ 179 تبليغين جي ٻيهر ڪيل ڪورونا ٽيسٽ ۾ 116 ڄڻن کي وائرس هئڻ جي تصديق

گھوٽڪي :- گھوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ 179 تبليغين جي ٻيهر ڪيل ڪورونا ٽيسٽ ۾ 116 ڄڻن کي وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي، جن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي.گهوٽڪي جي غزالي اسڪول ۽ ميرپور ماٿيلو جي نجي اسڪول ۾ قائم قرطينه سينٽرن ۾ ترسيل 179 تبليغين جي 14 ڏينهن بعد ٻيهر ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 116 ڄڻن کي وائرس جي صديق ٿي.ڊي سي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن کي ٻيهر قرطينه ۾ رکيو ويو آهي: ڊي سي گهوٽڪيايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار ٽائيم نيوز سان ڳالهيندي چيو ته تبليغي جماعت جي ماڻهون جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد قرنطينه سينٽر ٻاهران پوليس ۽ رينجرس جي نفري وڌائي وئي آهي هڪ سئو 10 ڄڻن جي ڪرونا وائرس هجڻ جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد شهر ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو آهي.