گڏيل مخالف ڌر طرفان صدر ۽ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد :- نواز ليگ، پ پ ، اَي اِين پِي، جَي يُوآءِ ايف، جماعت اسلامي، قومي وطن پارٽي ۽ مير حاصل بزنجو جي نيشل پارِٽي پاران گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي. گڏيل اپوزيشن سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي. گڏيل اپوزيشن چيو ته غير آئيني، غير قانوني، ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل ريفرنس ٺاهيندڙ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ ڏين. مخالف ڌر چيو ته هڪ معزز جج خلاف بدنيتي تي ٻڌل ريفرنس تيار ڪري عدالت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ريفرنس جو مقصد عدالت کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. اپوزيشن چيو ته اڄ سچائي، ايمانداري، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني ۽ اتحاد جي فتح ٿي آهي. گڏيل اپوزيشن چيو ته عدليا خلاف سازش ناڪام ۽ عمران جي ذهنيت وائکي ٿي وئي آهي، موجوده حڪومت جي ناڪامين جي ڊگهي فهرست ۾ اڄ هڪ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.