گڏيل قومن طرفان افغانستان ۾ هلندڙ سال 2 هزار 563 ماڻهو مارجڻ جو انڪشاف

گڏيل قومون(عالمي خبرون):-  گڏيل قومن چيو آهي ته افغانستان ۾ هلندڙ سال جنوري کان سيپٽمبر تائين 2 هزار 563 ماڻهو مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق گڏيل قومن جي ماتحت اداري (يو اين اي ايم اي ) جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ هلندڙ سال جنوري کان سيپٽمبر تائين 2 هزار 563 ماڻهو مختلف واقعن ۾ مارجي ويا جن ۾ 261 عورتون ۽ 631 ٻار پڻ شامل آهن،2014 کانپوءِ فوتگين جو اهو وڏو تعداد آهي. رپورٽ موجب هلندڙ سال ان عرصي دوران دهشتگردن سان چڪرين وارن واقعن دوران 5 هزار 676 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 662 عورتون ۽ 1836 ٻار شامل آهن.