گڏاپ ۾ پٺاڻن هٿان قتل ٿيل جاويد ڀٽي جي وارثن جو مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

گڏاپ :- ڪجھه ڏينهن اڳ پٺاڻن هٿان بي دردي سان قتل ٿيل جاويد ڀٽي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن جي نائب صدر  منير احمد مگسي، ضلع اولھ صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، عابدعلي ٻرڙو، شھيد جاويد جا ڀائر سليم ڀٽي، محمد ڀٽي، محمد رمضان ڀٽي، سماجي اڳواڻ محمد اصغر پاتڻي، ۽ ٻين جو اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ پيادل ريلي ويسٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ۽ ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالھائيندي هنن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ سرجاني ۾ معمولي ڳالھ تان پٺاڻن ڀريل آبادي جي وچ ۾ شھيد جاويد ڀٽي جي گھر ۽ محلي ۾ اڌ ڪلاڪ فائرنگ ڪندڙ ملزمن رينجرس اھلڪار مدثر پٺاڻ، عبدالله پٺاڻ، حڪيم عرف ميجر پٺاڻ ڏھڪاء پکيڙي جاويد ڀٽي کي بيدردي سان سري عام قتل ڪري پنج ماڻھون گوليون ھڻي شديد زخمي ڪيا، انھن قتلن کي بچائڻ خاطر سرجاني پوليس وارثن جي مرضي خلاف جھيڙي ۾ قتل جو ڪمزور ڪيس داخل ڪيو آھي، قانون مطابق ڪنھن به شھري آبادي ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏھکاء پکيڙڻ دھشت گردي ايڪٽ ۾ اچي ٿو پر ڪيس ۾ اڃان تائين دھشتگردي جا قلم نه لڳايا ويا آھن جيڪو پڻ مذمت جوڳو عمل آھي ھنن  چيو ته جاويد ڀٽي جي وارثن کي يقين ڏياريون ٿا ته  ايس يو پي قيادت ڏک جي گھڙي ۾ انھن سان گڏ آھن ، سندن چوڻ ھو  ته سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻين کي معمولي ڳالھ تان بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي جيڪڏھن اھو ورتاء رھيو ته نفرتون وڌيڪ جنم وٺنديون مظاھرين آعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته جاويد ڀٽي جي وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪري دھشتگردي جا قلم لڳايا وڃن ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو،