گڏاپ: پوليس جاويد ڀٽي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ محافظ بڻجي وئي

گڏاپ :- گڏاپ جي علائقي تيسر ٽائون لياري ايڪپريس سرجاڻي ٿاڻي جي حد ۾ دهشت گردن هٿان سڌي گوليون هڻي قتل ڪيل سماجي رضاڪار جاويد ڀٽي جي تڏي تي ڪو به چونڊيل ۽ وس وارو لڙي نه آيو،سرجاڻي پوليس به ايف آئي ار ۾ دهشت گردي جو قلم نه لڳايو،پوليس ايف آئي آر ۾ شامل جوابدارن عبدالله افغاني،حڪيم عرف ميجر ۽ مدثر پٺاڻ کي گرفتار ڪرڻ بدران سندس گهرن اڳيان تحفظ لاء بڪتر بند گاڏي بيهاري ڇڏي،قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول جي وارثن جو سخت احتجاج،مقتول جاويد جي پيرسن والد روئيندي ٻڌايو ته اسين غريب آهيون بااثر دهشت گردن معملي ڳالھ تان ٽولو ڪري جديد هٿيارن سان گهر اڳيان منهنجي ڪونڌر پٽ کي گوليون هڻي شهيد ڪري ظلم ڪيو آهي قاتل بااثر هجڻ سبب اڃان آزاد آهن مقتول جي ڀاء حنيف ڀٽي ٻڌايو ته هڪ ته پوليس ايف آر آئي ۾ دهشت گردي جو قلم نه لڳايو ٻيو سکڻا آسرا ڏئي رهي آهي ٻئي طرف اين ڊي پي سربراه ممتاز بروهي،جسقم اڳواڻن اصغر بروهي،انور جمالي سرجاڻي لياري سيڪٽر 36 مقتول جي تڏي تي پهچي وارثن سان  تعزيت ڪئي ۽ ان موقعي تي ممتاز بروهي چيو ته پهريان ڪراچي ۾ نامعلوم ماڻهو سنڌين کي قتل ڪندا هئا ۽ مختلف فسادن جي بهاني ڌرتي ڌڻين کي تنگ ڪندا هئا جن کي پرامن سنڌي ماڻهن کي ناڪام بڻايو تازو ڪرونا سبب بکايل ماڻهن جي قطار ۾ بيهڻ تي جهيڙي ۾ جاويد کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي لاڪ ڊائون هوندي دهشت گرد ٽولا ڪري اچي بي گناهه کي قتل ڪيو پوليس قاتلن کي اڃان گرفتار نه ڪيو آهي جسقم اڳواڻ اصغر بروهي چيو ته سنڌ ۾ دهشت گردي پٺيان ڌارين جو هٿ آهي پر افسوس جو اسان جو قانون به صرف سنڌين خلاف استعمال پيو ٿئي جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته لاڪ ڊائون هوندي به روڊن تي نڪري احتجاج جو حق استعمال ڪنداسين آخر ۾ مقتول جي وارثن ۽ سياسي اڳواڻن چيف جسٽس هاء ڪورٽ،آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي ڪراچي،ايس ايس پي اوڀر کان مطالبو ڪيو آهي قاتلن کي گرفتار ڪري متاثر خاندان کي انصاف ڏنو وڃي.