گڏاپ واسين جو بحريا ٽائون خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو

ملير:- بحريا ٽائون پاران گڏاپ جي قديم ڳوٺن تي چڙهايون ڪرڻ، ڳوٺاڻن جا روڊ رستا بند ڪرڻ، تاريخي قبرستان، پاڻي جا تلاءُ ۽ جياپي جا وسيلا تباهه ڪرڻ خلاف گذريل هفتي ڳوٺاڻن ۽ انڊيجينيس رائٽس الائنس جي  اڳواڻن پاران احتجاج ڪري گڏاپ ٿاڻي تي پهچي بحريا ٽائون جي انتظاميا جي ظلم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواست کي هڪ هفتو گذري ويو آهي پر ان جي باوجود گڏاپ پوليس ڪيس داخل نه ڪيو آهي، پوليس مختلف بهانا ڪري بحريا ٽائون خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، جنهن بعد انڊيجينيس رائٽس الائنس جي اڳواڻن ۽ متاثر ڳوٺاڻن پاران بحريا ٽائون جي ظلم خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ انڊيجينيس رائٽس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺن کي بيدخل ڪرڻ وارين ڪوششن ۽ ڳوٺن تي مسلسل چڙهائين خلاف ڳوٺاڻن پاران بحريا ٽائون جي انتظاميا خلاف ڏنل درخواست کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي نه ئي ڳوٺاڻن جو ڪو داد فرياد ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ متاثر ڳوٺاڻن پاران انصاف لاءِ عدالتن ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حفيظ بلوچ وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون جي انتظاميا مرحوم فيض محمد گبول جي ڳوٺن نور محمد گبول ۽ ٻين ڳوٺن جا رستا بند ڪري ڳوٺاڻن کي يرغمال بڻائي قيد ڪيو ويو آهي ته جيئن ڳوٺاڻا تنگ ٿي لڏي وڃن، هن چيو ته علي محمد گبول ڳوٺ جو برساتي تلاءُ جتان ڳوٺاڻا مال ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هئا ان برساتي تلاءُ تي بند ٻڌي ڳوٺاڻن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڌرتي ڌڻين سان ظلم جي انتهاءَ ٿي وئي آهي جنهن تي اسان خاموش نه ويهنداسين، هن سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ سنڌ جي گهڻ گهرن کي اپيل ڪندي چيو ته ڌرتي تي والار ۽ ڌرتي ڌڻين جي بيدخلي خلاف آواز اٿارين.