گڏاپ مان کنڀيل سردار ملاڻي جي امڙ پٽ جي جدائي ۾ بي حال

گڏاپ:- نئين ڪراچي جي سنڌي وسندي خميسي ڳوٺ مان 29 ڏينهن اڳ  سماجي اڳواڻ سردار ملاڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي ۽ جنهن  جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي جڏھن ته ان جي آزادي لاء گهر ۾ ختم قرآن ڏيرايا پيا وڃن  صوم صلوات جي به ورد جاري آھي ۽ ان جي بيمار ٻڍڙي امڙ ۽ ان معصوم ٻارڙا پاڪ ڪتاڪ پينگهي ۾ وجهي لوڏائي ان جي آزادي لاء ٻاڏائي رهيا آھن, سردار ملاڻي جي امڙ ۽ معصوم ٻارڙن هنجهون هاريندي  صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سردار ملاڻي کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آھي آخر ان جو ڏوھ ڪهڙو آھي ان جي پوڙھي امڙ لڙڪ هاريندي ٻڌايو ته آء دل جي مريض آھيان ۽ پٽ جي کنڀجڻ بعد مسلسل بيمار رهندي آھيان ۽ سردار ملاڻي جا معصوم ٻارڙي روئي روئي بيمار ٿي پيا آھن هن جا ٻار گهر ۾  آيل هر مهمان کان سوال ڪندا آھن ته اسان جو پاپا ڪڏھن گهر ايندو ۽ اسان کي ڏاڍي سڪ لڳي آھي بس ٻارڙن جون اهي ڳالهيون ٻڌي جي جهري پوندي آھي هن چيو ته 29 ڏينه گذرڻ باوجود  هن وقت تائين خبر نه پئجي سگهي آھي هو ڪٿي آھي يا ڪنهن وٽ قيد آھي  ان جا معصوم ٻارڙا ۽ گهر ڀاتي سخت پريشان آھن. هن وزيراعليٰ سنڌ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان, چيف جسٽس سنڌ ھائي ڪورٽ آف سنڌ, چيف سيڪريٽري سنڌ, آء جي سنڌ ۽ انسان حقن جي لاء ڪم ڪندڙ تنظمين ۽ ٻين وس وارن اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته سردار ملاڻي کي آزاد ڪري اسان جي بي چيني دور ڪئي وڃي.