گڏاپ لڳ راشن ونڊڻ تان جهيڙو:گوليون لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو

سرجاني جي حد لياري تيسر ٽائون سيڪٽر 36 هزاره هوٽل ڀرسان گذريل ڏينهن سيلاني پاران راشن ورهايو پئي ويو ته ان دوران سنڌي ۽ پٺاڻ برادري  ۾ منهن ماري ٿي هئي ۽ بعد ۾ ٺاهه ڪيو ويو پر اڄ پٺاڻ برادري پاران منصوبي تحت گهر کان ٻاهر ويٺل تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني،جنهن جي نتيجي ۾ محمد جاويد پٽ جان محمد ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته ٻه نوجوان 17 سالن جو عدنان پٽ محمد رحيم ۽ محمد عظيم پٽ محمد عزيز سخت زخمي پيا.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه وري جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آھن.