گڏاپ جي روزي گوندر ۽ مير خان گوندر ڳوٺ جا ٻارڙا تعليم کان محروم، رهواسين ۾ ڳڻتي ڇانيل

ڪراچي := گڏاپ جي روزي گوندر ڳوٺ ۽ مير خان گوندر جا پرائمري اسڪول فرنيچر، بجليءَ، بلڊنگ کان محروم، اسڪولن ۾ استاد هجڻ جي باوجود بلڊنگ کي ڏار پئجي وڃڻ ڪري والدين شاگردن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ ڇڏي ڏنو آهي.ڳوٺاڻن سليمان گوندر، غلام علي گوندر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صدين کان ويٺل آهيون پر جيئڻ جي ڪابه بنيادي سهولت ناهي، صحت تعليم سميت ڪو ترقياتي ڪم ناهي پيئڻ جو پاڻي ناهي 4 ڀيرا ساجد جوکيو کي ووٽ ڏنا آهن پر ساجد جوکيو ۽ تعليم کاتي جا ڪامورا اسڪول اچڻ لاءِ تيار ئي ناهن، صدين کان ويٺل ماڻهن کي سنڌ جي حڪمرانن تعليم وارو حق به کسي ورتو آهي اسان ڪيترائي ڀيرا ڳوٺاڻن سان گڏجي چونڊيل نمائندن تعليم کاتي جي ڪامورن وٽ ويا آھيون پر اسڪولن تي ڪو ڌيان ئي نه ٿو ڏئي هي سنڌ سرڪار جا اربين روپيا ڪٿي خرچ ٿين ٿا ڪابه خبر ناهي.ٻئي پاسي اسڪولن ۾ مقرر استادن جو چوڻ آهي ته 10 سالن کان تعليم کاتي جا آفيسر آسرو ڏين ٿا، استادن لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن ته ٻار موجود آهن بلڊنگ ڏيو، فرنيچر ڏيو پر ڪامورن کي پرواهه ناهي استادن گهر ڪئي ته بلڊنگس سميت اسڪولن جا مسئلا حل ڪيا وڃن