گڊو لڳ بئراج مان عورت ۽ معصوم ٻار جو لاش هٿ

گڊو :- گڊو بئراج تي مقرر پرائيويٽ سيڪورٽي گارڊ بئراج جي گيٽ نمبر 9 ۾ هڪ نامعلوم لاش کي لڙهندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد گڊو پوليس ٽوٻا نه هجڻ سبب پنج ڪلاڪن بعد لاش کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ورتو ته عورت سان گڏ معصوم ٻار جو لاش پڻ گڏ مليو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو غلام قادر جتوئي ٻڌايو ته ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ڪو به وارث ظاهر نه ٿيو ان لاشن کي پوسٽ مارٽم بعد لا وارث طور دفنايو ويو آهي جڏهن ته لاشن جي وارثن جي ڳولا جاري آهي.