گيس تي سنڌ جو حق نٿا مڃون (وفاقي حڪومت) سينيٽ ۾ احتجاج، ڊائيس آڏو ڌرڻو

 اسلام آباد :- وفاقي سرڪار گئس تي پهرين سنڌ جو حق مڃڻ کان انڪار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر بحران جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب وارننگ ڏني آهي ته سنڌ ۾ گئس جي کوهن تائين پهچ نه ملڻ جي صورت ۾ ٻن سالن تائين گئس بحران کي منهن ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي ۽ گئس خيبرپخونتوخواه ۾ پيدا ٿي رهيون آهن. پيپلز پارٽي جي سينيٽرن وفاقي وزيرجي اهڙي بيان تي سنڌ ۽ بلوچستان جي سينيٽرن احتجاج ڪيو، جڏهن ته بلوچستان جي سينيٽرن سرفراز بگٽي ۽ ٻين ڊائيس آڏو ڌرڻو هنيو. سنييٽ جي اجلاس ۾ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ گئس جي بحران تي بحث ٿيو، جنهن دوران پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب بيان ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ گئس جي کوٽ آهي، گذريل 10 سالن ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومتن گئس جي ڳولا لاءِ ڪوبه منصوبو نه جوڙيو، نه ئي وري ڪا پاليسي ٺاهي، نتيجي ۾ گئس جي پيداوار ۽ گهرج ۾ فرق وڌي ويو آهي.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي پلانٽ کي گئس جي فراهمي جاري آهي، سنڌ کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هن سياري ۾ گئس جي کوٽ ٿيندي. سنڌ حڪومت کي چيو ته گئس جي کوهن تائين پهچ ڏيو ته جيئن گئس فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، پر سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي گئس جي کوهن تائين پهچ نه ڏني.سينيٽ ۾ بيان ڏيندي وفاقي وزير عمر ايوب سنڌ سرڪار کي گئس بحران جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته صوبائي حڪومت اُها پائيپ لائين به وڇائڻ نه ڏني، جنهن سان پنجاب کي ايل اين جي گئس مهيا ٿئي. بجلي ۽ گئس خيبرپختونخواه پيدا ڪري رهيو آهي. جيڪي به قدرتي وسيلا آهن، اُنهن تي سموري ملڪ جو حق هوندو آهي، جيستائين اِن تي ڳالهيون نه ڪنداسين، تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا.وفاقي وزير عمر ايوب وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اِن حوالي سان مسئلوحل نه ڪيو ويو ته ايندڙ ٻن سالن تائين سنڌ ۾ وڌيڪ گئس جي کوٽ رهندي. پيپلز پارٽي ۽ اڳوڻي حڪومتن انرجي مڪس جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.سينيٽ ۾ وفاقي وزير عمر ايوب جي بيان ۽ سنڌ ۾ گئس بحران خلاف پيپلز پارٽي جي سينيٽرز احتجاج ڪيو. سسئي پليجو، شيري رحمان ۽ ٻين چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي، جيڪو صوبو سڀ کان وڌيڪ گئس ڏئي رهيو آهي، اُن کي پنهنجي حصي جي گئس نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي وري گئس تي اُن جو حق مڃيو وڃي ٿو.