گولاڙچي ۾ سنڌ سڀا پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي

گولاڙچي :- کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪيو، سنڌ سڀا پاران گولاڙچي ۾ احتجاجي ريلي، ٻارنھن ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال.خبر موجب محفوظ نوتڪاڻي سميت سمورن کنڀي گم ڪيل ماڻھن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا فورم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي انعام عباسي، اسماعيل نوتڪاڻي، امير پنھور، منور پنھور، منصور نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ 12 ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.احتجاج ۾ گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن محفوظ نوتڪاڻي، اسلم  مھيري ۽ سومار ملاح جي ڪٽنبن سميت وڏي انگ ۾ سول سوسائٽي جي ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي