گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان محفوظ نوتڪاڻي کي 52 ڏينهن گذري ويا: محفوظ سميت سمورا گم ڪيل ڀائر پنھنجن ڀينرن کي موٽائي ڏنا وڃن: ماروي نوتڪاڻي

گولاڙچي : گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان محفوظ نوتڪاڻي کي 52 ڏينهن گذرڻ باوجود آزاد نه ٿيڻ تي وارثن ۽ عورتن پاران علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ماروي نوتڪاڻي، انم نوحاڻي ء سميرا جي اڳواڻي علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن چيو نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، ھنن چيو ته محفوظ سميت سمورا گم ڪيل ڀائر پنھنجن ڀينرن کي موٽائي ڏنا وڃن، ٻين صورت ۾ سڄي سنڌ جي نياڻين کي روڊن تي آڻيو ويندو.