گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل محفوظ سنڌي کي مهينو ٿي ويو، احتجاج جاري

گولاڙچي :- گولاڙچي مان کنڀي گم ڪيل محفوظ سنڌي کي مهينو ٿي ويو سندس پتو نه پيو وارثن پاران مسلسل 30 ڏينهن به احمد راڄو روڊ تي دانشور تاج جويو، نبي بخش سميجو، لال بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهيندي چيو ته 8-8 سالن کان نوجوانن، بزرگن سميت هر عمر جي ماڻهو کي کڻي گم ڪيو وڃي ٿو بس هنن جو ايترو ڏوھ آهي سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪن ٿا سنڌ جي حقن جي مالڪي ڪن ٿا هنن چيو ته محفوظ سنڌي ۽ عاقب چانڊيو عزيرالله جروار سميت 75 کان وڌيڪ نوجوانن هن وقت گم آهن سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمنن اپيل ڪئي ته محفوظ سنڌي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي