گولاڙجي: مڙس هٿان وڪرو ڪيل ناري جي اجتماعي لڄالٽ بعد قتل جو انڪشاف

گولاڙچي  :-  ڪڙيو گھنور ڀرسان ڳوٺ ميھار چانڊيو جي 23 سالا ناري سڀاڳي ڌي ٺارو چانڊيو کي بد پيشيو پاران پپو چانڊيو تي وڪرو ڪيو ويو. جنھن بعد مڙس کورواھ  مان ڄاڻايل عورت کي احساس ڪفالت سينٽر جا پئسا کڻڻ جي بھاني خاصخيلي فيلڊ وٽ وٺي ويو، جتي مڙس ٻين ٽن جوابدارن سان گڏجي عورت سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي عورت کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، جنھن بعد عورت جي لاش مٿان گاڏي چاڙھي واقعي کي ايڪسيڊنٽ جو رنگ ڏنو ويو. جڏھن ھڪ ھفتي کانپو اڄ مقتول ناري جي مامي ربڏنو چانڊيو جي فرياد تي ڪڙيو گھنور ٿاڻي تي چئن جوابدارن اڪرم چانڊيو ، پپو چانڊيو، علي حسن رند ۽ خدا بخش مٿان گينگ ريپ ۽ قتل جو ڪيس درج ڪيو ويو. . جنھن بعد ڊي ايس پي گولاڙچي اعجاز شيخ،  ۽ ايس ايڇ او ڪڙيو گھنور اصغر علي سٺيو ڳوٺ ميھار چانڊيو ۾ ڪاروائي ڪري مٿي ڄاڻايل چارئي جوابدار گرفتار ڪري ورتا آھن.ھوڏانھن ڊي ايس پي گولاڙچي اعجاز شيخ پاران واقعي جي تصديق ڪئي پئي وڃي.