گورنر سنڌ کي اڄ ئي رليف آرڊيننس تي صحيح ڪرڻ گهرجي هو عوام کي رليف ڏيڻ چاهين ٿا پر ڪم نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي. بلاول

اسلام آباد :- پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير دوران چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ جي عوام کي رليف کان محروم ڪري رهيو آهي. هن مطالبو ڪندي چيو ته گورنر سنڌ کي اڄ ئي رليف آرڊيننس تي صحيح ڪرڻ گهرجي هو عوام کي رليف ڏيڻ چاهين ٿا پر ڪم نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي. بلاول چيو ته هو وزيراعظم سان گڏ هلي عوام کي ٻڌائڻ لاءِ تيار آهن ته عمران خان اسان جو وزيراعظم آهي. هن چيو 18هين ترميم ۽ اين ايف سي تي بحث ڪيو ويندو ته کٽيو نه ويندو. بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پرڏيهي وزير صاحب مان اوهان سان وڙهڻ نه اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته رائيونڊ جي اجتماع جو ڏوهه ناهي انهن کي رليف تحفظ ئي نه ڏنو ويو. هن چيو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي ملڪ ۾ عورتن کي گڏ ڪري وائرس پکيڙيو ويو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو صحت نظام ڪورونا سان وڙهڻ جهيڙو ناهي، طبي عملي کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي وائرس سان جنگ وڙهڻ لاءِ فرنٽ لائين تي بيٺل آهن. بلاول جو چوڻ هو ته هو پوئتي ويهي حڪومت سان گڏ ڪورونا وائرس خلاف ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن وزيراعظم کي پنهنجي بيٽنگ لائين تي توجع ڏيڻ جي ضرورت آهي.