گهٽ عمر شادي جي خلاف قانون پاس ٿيل آهي اسان اقليتن سان گڏ آهيون : بلاول زرداري جو ميرپور ماٿيلو ۾ جلسي کي خطاب

ميرپورماٿيلو :- پ پ پ چيئرمين بلاول زرداري ميرپور ماٿيلو ۾ جلسي کي خطاب  ڪندي چيو آهي ته اسان کي عمران نه کپي، عمران خان عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي، عوام دشمن بجيٽ عوام جو رت چوسيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ پهريان دل جي مرض جو علاج نه ٿيندو هو هاڻي دل جو علاج مفت پيو ٿئي، اين اي سي وي ڊي ۾ عالمي معيار مطابق دل جي مريضن جو اعلاج ٿي رهيو آهي اسان چاهيون ٿا سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ملي، انهي لاءِ ادارا ٺاهي رهيا آهيون، پبلڪ پارٽنر شپ جي مدد سان گهٽ پئسن سان منصوبا تيار ڪري رهيا آهيون، سنڌ ادارا به ٺاهي رهي آهي، ڪم به ڪري رهي آهي، ٿرڪول سميت ٻين ادارن کي پبلڪ پاٽنر شپ ۾ ڪري ڇڏيو آهي.گهوٽڪي واري اليڪشن کي سليڪشن جي طرف ڌڪيو پيو وڃي، اسان اين اي 205 تي سليڪشن نه ڪرڻ ڏينداسين، اليڪشن ٿيندي، اسان کي عوامي حڪومت ٺاهڻي آهي، خانڳڙهه ۾ 2018 ۾ اليڪشن نه ٿي، هڪ چيف سردار جو فارم رد ڪرايو، اهو ڪٽ پُتلي وڏيرو پنهنجي سردار کي به بخش نه ٿو ڪري، ادارن تي دٻاءُ وڌو، اسان کي اليڪشن نه گهرجي، اسان کي سليڪشن کپي، اسان اهڙي هر سازش کي نڪام بڻايو آهي، اسان سردار محمد بخش خان مهر کي تير جو نشان ڏياريو، سردار محمد بخش مهر شهيد ڀٽو سان وفادار رهيو، پيپلزپارٽي سان وفادار رهيو ۽ گهوٽڪي جي عوام سان وفادار رهندو، غريبن جو وفادار رهندو، اسلام آباد جي ڪٽ پُتلي اڳيان سر نه جهڪائيندو، سردار محمد بخش خان مهر سڀني جو ليڊر آهي.ڪٽ پُتلي چون ٿا ته سليڪشن کپي پر اسان سليڪشن نه پر اليڪشن جي ذريعي ڪاميابي ماڻينداسين، پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ڪئي آهي،  توهان ڪنهن کان نه ڊڄو، زندگي موت سڀ الله جي وس ۾ آهي، مان بلاول ڀٽو زرداري توهان عوام سان گڏ آهيان، بلاول ڀٽو توهان جي حفاظت ڪندو، اليڪشن جڏهن به هجي توهان اسلام آباد تائين هڪ ئي پيغام پهچائڻو آهي نه کپي نئون پاڪستان نه کپي، ميگا پاڪستان کپي، کپي کپي شهيد راڻي جو پاڪستان کپي، اسان کي پُراڻو پاڪستان کپي، اسان ڪٽ پُتلين جي اڳيان سر نه جهڪائينداسين.اسان پنهنجا حق کسي وٺنداسين، سردار محمد بخش خان مهر هتان جي عوام جو ايم اين اي آهي، تير تي ٺپو هڻي سردار محمد بخش خان مهر کي ڪامياب ڪيو، سردار محمد بخش خان مهر حقيقي اميدوار آهي، اسان جي اليڪشن مهم جاري آهي انشاالله فتح گهوٽڪي جي عوام جي ٿيندي گهوٽڪي جي عوام کان حق زبردستي طور نه کسيو وڃي اليڪشن ارڙهن تاريخ تي آهي پر يارنهن تاريخ تي نااهل ۽ اهل جو فيصلو ٿيڻو هيو جيڪو رڪجي ويو اها ڳالھ سمجهڻ کان ٻاهر ٿي لڳي هاڻي اليڪشن مهم سورنهن تاريخ تي ختم ٿيڻي آهي پر عوام اهل ۽ نااهل جي فيصلي جي انتظار ۾ آهي.هن چيو ته هڪ ئي جج آصف زرداري ۽ نوازشريف جي ڪيسز کي هلائي رهيو آهي لڳي ٿو دال ۾ ڪجھ ڪارو آهي انهن ادارن منهنجي نانا کي ڦاسي تي چاڙهيو پاڪستان پيپلزپاٽي اها واحد پارٽي آهي جنهن هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي ڪم عمر شادي جي خلاف قانون پاس ٿيل آهي پوليس۽ قانوني ادارا ان تي ڪم ڪري رهيا آهن، اسان هر حال ۾ اقليتن سان گڏ آهيون انشاالله ووٽ اسان کي ڏيندا، ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير مير عبدالباري خان پتافي چيو ته عمران خان چور آهي.هن گئس، بجلي، پيٽرول سميت هر کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس مڙهي مهانگي ڪئي آهي، عمران خان جي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان جيڪي ڪپڙا پايون ٿا انهن تي به ٽيڪس ڏيون ٿا، عمران خان مهانگائي ڪري پنهنجو مستقبل تباھ ڪري چڪو آهي، عمران خان چيو هو ته نئون پاڪستان ٺاهيندا سون اسان کي نئون پاڪستان نه کپي اسان کي قائداعظم وارو پراڻو پاڪستان کپي، اسان اهو پاڪستان کپي جنهن ۾ چيو ويندو هيو ته پاڪستان جو مطلب ڇا، لااله الله محمد رسول الله اسان کي اهو ئي پاڪستان کپي، عمران حڪومت ۾ زراعت تباھ ٿي رهي آهي، ڀاڻ مهانگو ڪري پاڪستان جي غريب ڪُڙمين هارين سان ظلم ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي ايم اين اي مير خالد احمد لُنڊ، سردار محمد بخش خان مهر، سردار خان لُنڊ، ڄام مهتاب خان ڏهر سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.