گهوٽڪي ۾ ڌماڪو ، ٻن رينجرز اهلڪارن سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا

گهوٽڪي :- گهوٽڪي ۾ ڌماڪو ۽ فائرنگ، ٻن رينجرز اهلڪارن سوڌو 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ رينجرز اهلڪار ظهور احمد ۽ فياض احمد شامل، ڌماڪي ۽ فائرنگ مارجي ويلن ۾ هڪ شهري غلام مصطفيٰ به شامل آهي، واقعي واري هنڌ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي وئي، ڌماڪي ۽ فائرنگ ۾ 5 شهري زخمي ٿي پيا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو، گهوٽا مارڪيٽ ويجهو رينجرز جي گاڏي وٽ ڌماڪو ٿيو ۽ فائرنگ ڪئي وئي، علائقي ۾ ناڪابندي پڻ ڪئي وئي. ٻئي پاسي علائقي واسين چيو آهي ته سرڪٽ هائوس ڀرسان رينجرز اهلڪارن جي گاڏي بيٺي هئي ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، اُن کانپوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا، پوليس چيو آهي ته رينجرز اهلڪار مارڪيٽ مان گوشت وٺڻ بعد واپس موٽيا ۽ گاڏيءَ ۾ جيئن ئي سوار ٿيا ته ڌماڪو ٿيو، وڏي وزير مراد علي شاهه رينجرز جي گاڏيءَ تي حملي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.