گهوٽڪي پوليس جي شهيد صاحب خان گهوٽو جي گهر تي چڙهائي، سندس ڀاءُ گرفتار

گهوٽڪي: ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي شهيد صاحب خان گهوٽو جي گهر تي چڙهائي، ڀاءُ گرفتار، خبرن موجب ڌماڪي کانپوءِ گهوٽڪي پوليس شهيد صاحب خان گهوٽو جي ڳوٺ جلال گهوٽو ۾ گهر تي چڙهائي ڪري سندس ڀاءُ اسرار گهوٽو کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ شهيد صاحب خان گهوٽو جي پٽ ڪاشف گهوٽو ٻڌايو ته پوليس گهر م گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، بابا جون تصويرون ڦاڙيون ويون، جنهن بعد چاچي اسرار گهوٽي کي کڻي ويا آهن