گهوٽڪي مان گم ٿيل نوجوان جو ڪو پتو نه پيو، وارث سخت پريشان

گهوٽڪي:-  گهوٽڪي مان چئن ڏينهن کان فرسٽ ايئر جو شاگرد پراسرار نموني لاپته،موبائيل فون روڊ ڀرسان هٿ، پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، خبرن موجب  گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ محمد يعقوب چاچڙ واسي فرسٽ ايئر جو شاگرد ڪاشف محمود ولد محمد يوسف چاچڙ پهرين ڊسمبر کان پراسرار نموني لاپته ٿيل آهي، جنهن جو 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ نوجوان جي ڀاءُ احمد محمود چاچڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪاشف محمود پنوعاقل جي مهراڻ اسڪول ۾ فرسٽ ايئر جو شاگرد آهي، پهرين ڊسمبر تي شهر وڃڻ جو چئي ڳوٺ کان نڪتو ته واپس ناهي آيو، سندس موبائيل فون ڳوٺ کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصل تي مخدومن جي مانجهاندڙي واري فصل ڀرسان هٿ ڪيو ويو، هن چيو ته ڳولا باوجود ڀاءُ جو پتو ناهي پيو، هن چيو ته ڀاءُ جي گم ٿيڻ بابت حد جي بي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي، موبائيل فون به پوليس وٽ ئي آهي، هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي يار محمد ابڙو ٻڌايو ته موبائيل رڪارڊ گهرايو ويو آهي، جنهن ذريعي نوجوان جو پتو لڳايو ويندو، وارثن پاران ڪنهن تي به اغوا جو شڪ ظاهر ناهي ڪيو ويو.