گهوٽڪي مان پنجاب منتقل ٿيندڙ 1600 ڪڻڪ ٻوريون هٿ:ٻه جوابدار گرفتار

گهوٽڪي:- ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي پابندي باوجود سنڌ مان وڏي پيماني تي ڪڻڪ جي پنجاب اسمگلنگ جاري آهي،گهوٽڪي جي اي سيڪشن پوليس ڏنگڙو واهه وٽ قومي شاهراهه تي ڪاروائي ڪري ڪڻڪ جي 1600 ٻورين سان ڀريل 2 ٽرالر هٿ ڪري ورتا، پوليس ٻنهي ٽرالرن جي ڊرائيورن رحيميارخان واسي محمد بوٽا آرائين ۽ محمد شهباز جٽ کي گرفتار ڪري ورتو، جن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آءِ ذوالفقار چاچڙ پاران ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر تي پابندي هجڻ سان گڏ قلم 144 لاڳو آهي، پر ان باوجود ڪڻڪ پنجاب منتقل ڪئي پئي وئي، هوڏانهن ڪڻڪ جي غيرقانوني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر خالد سليم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار، موٽروي پوليس ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ بغير اطلاع ڏيڻ جي اوٻاوڙو ٽول پلازه تي قائم خوراڪ کاتي جي چيڪ پوسٽ ڪمون شهيد منتقل ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي ايف سي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي،جڏهن ته خوراڪ کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس دوران ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پابندي باوجود واپارين پاران وڏي پيماني تي ڪڻڪ پنجاب منتقل ٿي رهي آهي، جيڪو اهم معاملو آهي، هن چيو ته خوراڪ کاتي توڙي لاڳاپيل عملدارن کي ڪڻڪ جي غيرقانوني منتقلي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن هدايت ڪئي ته موٽروي جي انٽرچينج تي به نگراني سخت ڪئي وڃي ته جيئين موٽروي پوليس به ٽرالرن جي نگراني ڪري سگهي.