گهوٽڪي جي قرنطينه سينٽر ۾ تبليغي جماعت جي ماڻهن انتظاميا خلاف غيرمعياري کاڌو ڏيڻ جا الزام

گهوٽڪي:- گهوٽڪي جي قرنطينه سينٽر ۾ تبليغي جماعت جي ماڻهن انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي غيرمعياري کاڌو ڏيڻ جا الزام هنيا.قرنطينا سينٽر ۾ ترسايل تبليغي جماعت جي ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته غيرمعياري ۽ سڙيل ماني ڏني پئي وڃي جنهن سبب سندن طبعيت خراب ٿي وئي آهي.سندن چوڻ هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي کي شڪايتون ڪيون پر ڪو تحرڪ نه ورتو ويو.احتجاج ڪندڙ تبليغي جماعت جي ماڻهن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ۽ نوٽيس وٺي کين پنهنجن گهرن ڏانهن ڇڏيو وڃي