گهرو اڻبڻت: لاڙڪاڻي ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ مڙس هٿان قتل

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي شهر جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ لال بخش حاجاڻو ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار مڙس اوشاق علي چانڊيو پنهنجي گهر واري ٽن ٻارڙن جي امڙ 30 سالن جي عورت ثانيه چانڊيو کي مٿي ۾ گولي هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران ڪجهه ڪلاڪن بعد عورت دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرن پاران عورت جي موت جي تصديق بعد سندس وارث لاش مٿان اوڇانگرون ڏئي روئيندا رهيا. بعد ۾ عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال جي مارچري منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتولا عورت جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ محمد خان چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته 10 سال اڳ ڀيڻ ثانيه جي شادي اوشاق علي چانڊيو سان ٿي هئي جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي، اوشاق علي چانڊيو مسلسل ڀيڻ سان زيادتيون ڪندو رهندو هو اهڙيون شڪايتون ڀيڻ اسان سان ڪندي هئي اڄ گهرو اڻبڻت تان ڀيڻويي اوشاق علي چانڊيو گهر ۾ ڀيڻ ثنيا کي مٿي ۾ پسٽل جو فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي علاج دوران ڪجهه ڪلاڪن بعد ڀيڻ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته ڀيڻ کي ڀيڻويي بيدرديءَ سان قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀيڻ کي قتل ڪندڙ سندس ظالم مڙس اوشاق علي چانڊيو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. ان حوالي سان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته عورت کي سندس مڙس ئي گولي هڻي فرار ٿي ويو آهي، وارثن جي پهچڻ تي سندن مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.