گهارو ويجهو آئل ٽئنڪر ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، پنج ڄڻا فوت، پنج زخمي

گهارو ويجهو آئل ٽئنڪر ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر, پنج ڄڻا فوت، پنج زخمي گهارو ويجهو آئل ٽئنڪر ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي نيو ويو آهي. خبر موجب گهارو شهر ويجهو عمرڪوٽ واسي 10 ڄڻا سوزوڪي ۾ عمر ڪوٽ وڃي رهيا هئا ته گهارو ويجهو روڊ تي بيٺل آئل ٽئنڪر سان سوزوڪي ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 5 ڄڻا ڀيمون،جلال،پريم، اڪبر ۽ هڪ نامعلوم ٿڏي تي فوت ٿي ويا.جڏهن ته 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين ڪراچي نيو ويوآهي.