گم ڪيل ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي، لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ 70 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي 9 آڪٽوبر تائين سنڌ حڪومت، پوليس ۽ ٻين ادارن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 70 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ چيو ته گم ٿيل ماڻهن کي پوليس ۽ ٻين ادارن ڪراچي جي مختلف علائقن مان حراست ۾ ورتو. درخواست ڏيندڙ چيو ته حراست ۾ وٺڻ بعد شهري گم ٿي ويا جن کي بازياب ڪرايو وڃي. عدالت چيو ته شهري عبدالغني سميت ٻيا ڪيترن ئي مهينن کان گم آهن، شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. عدالت چيو ته ڪاغذي ڪارروائي نه گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرايو وڃي. عدالت 70 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي 9 آڪٽوبر تائين سنڌ حڪومت، پوليس ۽ ٻين ادارن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.