گل سماءَ رند جو حادثاتي موت يا قتل؟؟ ليکڪ : ساجد مستوئي (دادو)

دادو ضلعي جي تعلقي جوھي جي علائقي واھي پانڌي کان 30 ڪلو ميٽر اڳتي اولھه طرف کيرٿر جي لڪ ڀرسان يعني سنڌ بلوچستان جي سرحدي علائقي جي ڳوٺ شاھي مڪان جابلو علائقي ۾ 10سالن جي نينگري گل سماءَ رند جي مبينا قتل يا حادثاتي واري واقعي جو معاملو هڪ پاسي نه ٿي سگھيو، اڃا تائين گل سماءَ رند جو موت ڳجھارت بڻيل آھي. ھي واقعو تڏھن وائرل ٿيو جڏھن 21 نومبر 2019ع خميس جمعي واري رات 8 وڳي واھي پانڌي جي مولوي ممتاز لغاري وٽ نينگري گل سماءَ رند جو والد علي بخش رند پنھنجي ھڪ عزيز تاج محمد رستماڻي ويٺل فتح خان رستماڻي سان گڏ پھتو ۽ ان کي چيائون ته 10 سالن جي نينگري فوت ٿي وئي آھي جنھن جي جنازا نماز ادا ڪرڻي آھي، توھان ھلو جنازي نماز پڙھايو، اسان ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو آھي. مولوي ممتاز لغاري ساڻس گڏجي ڳوٺ شاھي مڪان ويو ۽ فوتي نياڻي جي جنازي نماز پڙهائي لالي جي مقام نالي قبرستان ۾ گل سماءَ کي دفن ڪرڻ بعد فوتگي جون سڀ رسمون پڻ وارثن ادا ڪيون ۽ مولوي ممتاز واپس واھي پانڌي ھليو آيو. اڪثر اسان وٽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ واندڪائي دوران ڪچھريون ٿينديون آھن، مولوي ممتاز عام ڳالھه ٻولھه دوران ھن مختلف ماڻھن کي ٻڌايو ته رات ڳوٺ شاھي مڪان ويو ھئس اتي ڏهه ورهين جي نينگري فوت ٿي ھئي چون پيا جبل جي ڇپ ڪري نينگري مٿان ته ھو فوت ٿي، جنھن جي جنازي نماز مون پڙھائي، ايئن ئي ڳالھين مان ڳالھيون ٺھنديون ويون ۽ ستن ڏينھن کان پوءِ نينگري گل سما رند جي موت جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون ويون. نينگري گل سما بابت اھي خبرون تيزي سان گردش ڪرڻ لڳيون ته نياڻي کي جرڳي دوران ڪاري قرار ڏئي سنگسار ڪري ماريو ويو آھي، ان کانپوءِ گل سما جي مبينا قتل جون خبرون پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي پکڙجڻ لڳيون.

نياڻي جي پراسرار موت وارو معاملو ڏينهون ڏينهن الجھندو ويو، طرح طرح جا افواهه پکڙجڻ لڳا، پوليس تي آڱريون کڄڻ لڳيون، نيٺ ايس ايس پي دادو معاملي جو نوٽيس ورتو ته پوليس ڪيس به داخل ڪيو ۽ جاچ شروع ڪئي وئي. ميڊيا وسيلي خبرون وائرل ٿيڻ بعد ڪيس گھڻو اهم ٿي چڪو ھو، ھر طرف عجيب و غريب ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، دادو پوليس پنھنجي جاچ تيز ڪندي نينگري گل سما رند جي والد علي بخش رند، والده ليلا رند ۽ تاج محمد رستماڻي سميت جنازي نماز پڙھائيندڙ مولوي ممتاز لغاري کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جتي نينگري جي والدين بيان رڪارڊ ڪرايو ته گل سما جبل جي پاڙ ۾ بيٺل ھئي مٿان ڇپ ڪرڻ سبب ھو حادثاتي طور فوت ٿي وئي، جرڳو وسيلي ڪاري قرار ڏئي سنگسار  ڪري قتل ڪرڻ واريون خبرون ڪوڙيون آھن، جيڪڏهن اھڙي ڪا ڳالھه ھجي ھا ته ان جو ڪو شاهد به ظاهر ٿئي ھا ۽ اسين نينگري جي فوتگي واريون رسمون ڇو ادا ڪيون ھا. جڏھن ته مولوي ممتاز لغاري جو چوڻ آھي ته جنازي نماز بلڪل مون پڙھائي نينگري جي قتل بابت ڪي به ڳالهيون ناهن ٻڌيون. مطلب ته نياڻي گل سماءَ رند کي جرڳي وسيلي ڪاري قرار ڏيڻ يا سنگسار ڪري قتل ڪرڻ جون ڪي به شاھديون نه مليون آھن. معاملي کي اڃا سولو بڻائڻ لاءِ پوليس جاچ جي سلسلي ۾ نياڻي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ قبر ڪشائي ڪرڻ لاءِ مقامي عدالت کان اجازت پڻ ورتي وئي آھي، عدالت جي اجازت تي ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ حيدرآباد طرفان ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آھي جيڪو قبر ڪشائي کانپوءِ نياڻي جي جسم جو پوسٽ مارٽم ڪندو، جنھن ۾ دادو پوليس انتظامي سھولتون فراھم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ڪري رهي آهي.

ڏهن ورهين جي نياڻي گل سماءَ جي پراسرار موت بابت اصل حقيقتون پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي سامھون اينديون. هونئن به ڏٺو وڃي ته اسان وٽ جڏھن به ڪاروڪاري جو ڪو اهڙو ڪيس ٿيندو آھي ته ان جي فوتگي جون آخري رسمون گهڻي ڀاڱي ادا نه ڪيون وينديون آھن. والدين پاران هن کي ائين ئي دفن ڪري جان ڇڏائي ويندي آهي، ٻي ڳالهه ته سنڌ ۾ ڪنهن نياڻي کي سنگسار ڪري مارڻ جو ڪڏهن به ڪو واقعو سامھون نه آيو آھي. نينگري کي جرڳي وسيلي ڪاري قرار ڏيڻ يا سنگسار ڪري مارڻ واريون خبرون ته ميڊيا تي گهڻيون پکڙيون آهن، جنهن کانپوءِ ماڻهن جي ذهنن توڙي واتان انيڪ سوال به اُٿي رهيا آهن پر ڪجهه حقيقتن کي به ڏسجي. جيڪڏهن واقعي اهڙو ڪو واقعو پيش اچي ها ته اُن جي هڪ اڌ ته شاهدي ملي ها، پر ھن ڪيس ۾ اھڙو ڪو به شاھد موجود ناھي ته پوءِ حيرت ان ڳالهه تي آهي ته آخر ڪيئن اھڙيون عجيب خبرون پکيڙي ڳالهيون هلايون وڃن ٿيون، جنهن سان ڪو غريب خاندان متاثر ٿي رهيو آهي.