گلوڪار علي ظفر کي سول ايوارڊز لاءِ چونڊيو ويو

ڪراچي:- صدر پاڪستان عارف علوي طرفان يوم آزادي جي موقعي تي سول ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستاني گلوڪار علي ظفر کي چونڊيو ويو.صدر مملڪت 24 شخصيتن لاءِ ستاره شجاعت، 27 لاءِ ستاره امتياز جڏن ته 44 شخصيتن لاءِ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي جو اعلان ڪيو آهي ۽ سمورين شخصيتن کي ايوارڊز 23 مارچ تي ڏنا ويندا.اعليٰ سول ايوارڊز جي لاءِ پاڪستان انٽرٽينمنيٽ انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪاره بشريٰ انصاري، مايه ناز صوفي، گلوڪاره عابده پروين، سڪينه سمون، همايون سعيد ۽ گلوڪار علي ظفر جي به چونڊ ڪئي وئي آهي.ان موقعي تي علي ظفر فوٽوشيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ مزار قائد وٽ بيٺل آهي.علي ظفر پنهنجي تصوير ۾ لکيو آهي ته” کيس پاڪستان حڪومت طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي، هو الله پاڪ جو عاجزي ۽ انڪساري سان شڪر گذار آهي.