گرمي ايندي ئي ٿر ۾ جر هيٺ هليو ويو، کوهه سڪڻ لڳا، 2400 ڳوٺن ۾ پاڻيءَ جو بحران

مٺي:-  گرميون شروع ٿيندي ئي ٿر ۾ پاڻي اڻلڀ، ماروئڙا پريشان ٿي ويا، ٿرپارڪر کي پاڻي جي ضرورت آھي“ ٿرپارڪر جي نوجوانن پاران ٿرپارڪر ۾ گرميون شروع ٿيندي ئي پاڻي جي کوٽ ٿيڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا ٽوئٽر تي ٽرينڊ هلايو ويو ته ٿرپارڪر کي پاڻي جي سخت ضرورت آھي ٿرپارڪر جي اڪثر آبادي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو انحصار جر جي پاڻي تي آھي ۽ گرمين اهو جر جو پاڻي هيٺ هليو ويندو آھي يا کوهن ۾ سوڪ ٿي ويندي آھي جنهن جي ڪري گرمين ۾ ٿرپارڪر واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ شديد تڪليف کي منهن ڏسڻو پوندو آھي اهڙي صورتحال کي مدنظر رکندي ٿرپارڪر جي باشعور نوجوانن جي طرفان سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلايو ويو آھي جنهن ۾ ھنن گهر ڪئي آھي ٿرپارڪر جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آھي جنهن کانسواء ٿرپارڪر ۾ زندگي جو گذران تمام گهڻو مشڪل آھي اختياييون نوٽيس وٺن ۽ ٿرپارڪر جي ڏورانهن ڳوٺن تائين پاڻي جو بندوبست ڪرڻ جي لاءِ ڪا پاليسي ٺاهن ٻي صورت ۾ شديد گرمين ۾ ٿرپارڪر جي ماڻھن کي نقصان ٿيندو ۽ کين پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو انهي سان گڏ ٿرپارڪر جي ماڻھن جي گذرسفر جو واحد ذريعو چوپايو مال ۾ پڻ تڪليف ايندو ياد رهي ته ٿرپارڪر ۾ تقريبن 2400 کان مٿي ڳوٺ آھن جن مان لڳ ڀڳ صرف هڪ هزار تائين ڳوٺن ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪيمن ذريعي پاڻي جي سهولت پهتل آھي باقي ڳوٺ اڄ به اونهن کوهن تي گذارو ڪن ٿا جيڪي گرمي ۾ پاتال ۾ هليا ويندا آھن ۽ سڪڙجي ويندا آھن جنهن ڪري هر سال گرمين ۾ ماڻھو پريشان ٿي ويندا آھن.