“گارنٽي ڏيو ته نواز شريف اڱاري تائين فوت نه ٿيندو” حڪومت پاران حيرت جو اظهار

اسلام آباد :- اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي ان حالت ۾ ضمانت ملي سگهي ٿي ته پوءِ جيلن ۾ موجود ٽي بي يا ڪينسر جي مريضن کي ڇو نه پئي ملي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا معطلي ۽ ضمانت لاءِ داخل هنگامي درخواست تي عدالتي ڪارروائي تي انور منصور چيو ته عدالتي ڪارروائي جيئن هلي رهي آهي، مونکي ان تي افسوس ٿيو. هن چيو ته نيب چيو ته نواز شريف پنجاب حڪومت جي تحويل م آهي، فيڊريشن کي نوٽيس نه مليو، نه وري وفاقي حڪومت ان ڪيس ۾ ڌر هئي، ڪيس بابت حڪومت کي ڄاڻ ئي نه هئي. هن چيو ته نواز شريف جي ڪيس ۾ نيب ڌر هئي پر اسان جي آفيسر کي چيو ويو ته توهان گارنٽي ڏيو ته اڱاري تائين نواز شريف فوت نه ٿيندو؟ زندگي ۽ موت جي ڪير به گارنٽي نٿو ڏئي سگهي. ٻئي طرف پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد به چيو ته عدالت ۾ گانٽيون گهريون ويون، ڊاڪٽر علاج جي ته گارنٽي ڏئي سگهي ٿو پر زندگي ۽ شفا جي الله کانسواءِ ڪير به گارنٽي نٿو ڏئي سگهي.